گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان ڪارو گهٽ وٽ قومي شاهراھ تي ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ٽريڪٽر ڊرائيور عيدالله فوت تي ويو جڏهن ته چار ڄڻا الله نور، نور محمد ، مرزا خان ۽ ابراهيم سخت زخمي ٿي پيا جن زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال گهوٽڪي آندو ويو ، مزدور مزدوري ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٽريڪٽر ٽرالي سان حادثو پيش آيو .