بدين ( ڊ ر ) عيد ڏھاڙي ڏينھن ڏٺي نرسنگ ڪاليج بدين جي پرنسپال فضل الدين سھڙو جي ڀا۽ رحمت الله سھڙو جي گھر جا تالا ٽوڙي گھر مان چوري ڪيل سون ۽ ڪيش رقم جا جوابدار عمرڪوٽ جا نڪتا ,فريادي رحمت الله سھڙو جي فرياد تي بدين ماڊل ٿاڻي تي گنگارام ڪولھي دليپ ڪمار ڪولھي سورج ڪولھي اجي ڪولھي ء ٻن نامعلوم جوادارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي ويئي آھي ,بدين پوليس جي ٽيم ايس ايڇ او بدين انور لغاري جي اڳواڻي م عمرڪوٽ م ڪاروائي ڪندي مک جوابدارن دليپ ڪولھي اجي ڪولھي گنگارام کي گرفتار ڪري ورتو, .بدين ماڊل ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد انور لغاري صحافين کي ٻڌايو ت جوابدار کان جانچ دوران معلوم ٿيو ت جوابدار مختلف ضلعن م ڪيترن ئي چورين جي وارداتن م ملوث آھن ,جيڪي مختلف شھرن م مزدوري جو بھانو ڪري رھائش بعد چوريون ڪري فرار ٿي ويندا ھئا .ايس ايڇ او موجب گرفتار ٿيل جوابدارن کان جانچ جاري آھي .جڏھن ت چوري ڪيل سامان ھٿ ڪيو ويو آھي .