لاڙڪاڻي لڳ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جاني نقصان نه ٿيو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ڌامراهه جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جاڙا واهه جي ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪِري پيا جتي رسيس سبب اسڪولي ٻارڙن جي ڪلاس ۾ غيرموجودگي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. اهڙي واقعي خلاف اسڪول جي شاگردن احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ٻڌايو ته اسان جي اسڪول جي عمارت ڪافي پراڻي ٿي چڪي آهي ان لاءِ هيڊ ماستر ۽ ٻين استادن نئين عمارت ٺهرائي ڏيڻ لاءِ تعليم کاتي جي عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا خط لکي آگاهه ڪري چڪا آهن پر اڄ ڏينهن تائين اسڪول جي عمارت نه ٺهي سگهي جنهن ڪري اڄ زبون حالي سبب اسڪول جي ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ۽ رسيس سبب اسين ڪلاس ۾ نه هئاسين جنهن ڪري ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي اسڪول جي زبون حالي جو نوٽيس وٺي نئين عمارت ٺهرائي ڏني وڃي جيئن اسين بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي تعليم پرائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.