وڌندڙ گرمي جا ماحول تي پوندڙ اثر ۽ وڻن جي اهميت

محمد اسماعيل لانگاھ 

سرديون گرميون قدرت جي طرفان انسانن توڙي جانورن  لاءِ  هڪ خاص نعمت طور نازل ٿيل آهن ۽ ٻنهي موسمن جي خاص اهميت آھي جنهن  مان انسانن توڙي جانورن کي انيڪ فائدا به ملن ٿا، اسانجي ملڪ جي چئني صوبن جي موسم هڪ جهڙي نٿي رهي بلوچستان , پنجاب, ڪي پي ڪي, ۽ سنڌ ۾ ڪي اهڙا علائقا آهن جتي جيتري تيز گرمي ٿئي ٿي ته اوتري ئي سردي ٿيندي آهي ملڪ جي ٻين صوبن جو حرارت جو درجو  سنڌ جي گرميءَ جي ڀيٽ ۾ نارمل ٿيندو آهي سنڌ جا خاص طرح ڏکڻ اوڀر وارا علائقا جتي گرمي اونهاري جي چئن مهينن تائين معمولي هجي ٿي خاص ڪري  سانوڻي وارن ڏينهن ۾ پارو وڌي انڪري ٿو جو اها گرمي برساتن جو سبب بڻجي ٿي باقي اتر سنڌ سڄو اونهارو شديد گرمي جي وڪڙ ۾ رهي ٿي ڇو ته اتر سنڌ قمبر شهداد ڪوٽ کان ويندي دادو جي حدن تائين جنهن ۾ کيرٿر ۽ ڪاڇي جي ڪجھه جابلو پٽي به اچي ٿي جيڪا کيرٿر جي مٿانهين چوٽين کان هيٺ ھُجڻ ڪري تمام گرم هجي ٿي انهن جبلن کي بڊو جبل سڏيو وڃي ٿو انهن جبلن جو ميداني علائقن کي ويجهو هئڻ جي اثر سبب ڪاڇي ۾ تمام تيز گرمي ۽ لُڪن ۽ جهولن جو ڪارڻ ھُجي ٿي ان وچ ۾ اچي ويندڙ تمام علائقا جتي تمام تيز گرمي ٿئي ٿي ڇوته هڪ ته آباديون گهٽ ھُجن ٿيون ٻيو وري ميداني علائقا گهڻا وسيع آھن جيڪي وڻن کان بلڪل خالي آهن جنهن سبب اپريل کان ويندي آڪٽومبر جي آخر تائين درجه حرارت چاليهھ ۽ پنجاھ جي وچ ۾ رهي ٿو.

 شديد گرمي سبب جيڪي نقصان ٿين ٿا ان ۾ خاص طور جهنگلي جيوت سخت متاثر ٿئي ٿي، گرمي کان جانورن کي بچڻ لاءِ  وڻن جو هجڻ لازمي آهي وڻ هڪ طرف انسانن توڙي جانورن جو بچاءُ به آهن ته ان سان گڏ جانورن جي خوراڪ به آهن ۽ وڻ طوفانن هوائن کان بچائن ٿا، وڻ نه هجڻ ڪري  انسانن توڙي جانورن لاءِ  ڪافي حد تائين گرمي نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي جنهن سبب مختلف بيماريون پڻ پکڙجن ٿيون ان شديد گرمي جا ماحول تي خراب ۽ ناڪاري اثر ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري وسندڙ ويڙها انساني آباديون , ٻھراڙين جي ڳوٺن جا رهواسي ڏينهنون ڏينهن گرمي وڌڻ جي ڪري سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۽ درياهي, سامونڊي ۽ بئراجي علائقن ڏانهن لڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پنهنجون ملڪيتون ڇڏي بيزار ٿي ڀڄي ويا آهن. گرمي ته قدرتي موسم مٽجڻ جي سلسلي سان سلهاڙيل آهي خاص طور  سنڌ جي اتر ضلعن ۾ سردي گهٽ ۽ گرمي گهڻو هلي ٿي جنهن جو وڏو اثر وڻن جو گهٽجي وڃڻ ئي آهي  

ان سخت گرمي جا ڪيترائي ڪارڻ آھن هڪ ته جيڪي زمينون آباد ٿين ٿيون انهن زمينن جي مالڪن کي وڻڪاري مهم جي حوالي سان سنڌ سرڪار طرفان ڪابه ڄاڻ نٿي ڏني وڃي جيڪي پنهنجي زمينن تي پوکيل وڻن کي پئسن جي لالچ ۾ اچي ڪڍرائي کپائي ڇڏين ٿا، ٻئي طرف هتي صرف هڪ ئي فصل چيٽ جو پوکيو وڃي ٿو ۽ اهو سردي جي موسم ۾ شروع ۽ ٿڌ هلندي ئي ختم ٿيو وڃي ٿو، ان کانپوءِ  هتي ڪوبه فصل نٿو ڪيو وڃي جنهن سبب زمينون غير آباد رهن ٿيون ڏڪار ۽ بنجر زمينن مان نڪرندڙ تپش  گرم هوائن جهولن ۽ لُکن ۾ تبديل ٿيو وڃي اگرچ اهي زمينون زير آب هجن ته شايد گرمي ۾ ڪافي حد تائين ڪمي ٿي سگهي ٿي پر مالي وسيلا گهٽ ھُجڻ سنڌ جي خاص طور اتر سنڌ وارن ضلعن بڊو جبل واري پٽي جنهن ۾ اڪثر ڪاڇي جون حدون  شروع  ٿين ٿيون هتي لڱ ساڙيندڙ گرمي ماحول تي تمام گهڻو اثر انداز رهي آهي جنهن کان بچڻ لاءِ  پهرين ته زمينن کي آبادين لائق بڻائڻ لازمي هوندو ۽ ان کانپوءِ  قدرتي تپش ۽ گرمي برداشت ڪرڻ لاءِ  وڻن جي پوکائي ضروري آهي ۽ اهڙي عمل ۾ ڪنهن به طرف کان ڪابه دلچسپي نه ٿي ورتي وڃي

وڻ ڌرتي جي سونهن سان گڏ اسان انسانن جو جيئندان آهن جنهن مان خارج ٿيندڙ گئس اسان انسانن کي زنده رکي ٿي ۽ ماحول صاف سُٿرو رهندو آھي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي خوبصورت ۽ گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ  ملين ڊالر وڻڪاري مهم تي خرچ ڪري روڊن رستن گهرن توڙي زمينن ۾ وڻ پوکيا ويندا آهن جتي وڻن جو قدر هجي ٿو اتي ماڻھن جي روح کي راحت ملي ٿي پکي پرندا ۽ جانور به  گهاٽن ٻيلن ۽ وڻن ھئڻ سبب خوش زندگي گذارين ٿا هن وقت سنڌ اندر ماحولياتي آلودگي ۽ گرمين ۾ واڌ جو سبب اهو ئي ٻُڌايو پيو وڃي ته هتي ٻيلن تي قبضا مافيائون قبضا ڪري وڻ وڍائي زرعي زمينون بڻائڻ چاهين ٿا, خاص طرح سنڌ ۾ ٻيلو کاتو بلڪل غير فعال بڻيل آهي سڄي سنڌ ۾ وڻن جي غير قانوني واڍي جاري آهي پر مجال آ جو ڪنهن خلاف ڪا ڪارروائي ٿي هجي ٻيلي کاتي پوليس کاتي سان ملي ڪري وڻن جو قتل عام شروع ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو ايندڙ وقت ۾ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو, وڻن جي واڍي سبب هڪ طرف برساتن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ته ٻئي طرف سنڌ جو جر به کارو ٿيڻ لڳو آهي جر کاري ٿيڻ سبب وڏي مشينري وسيلي جر جو پاڻي ڪڍيو پيو وڃي انهن سڀني مسئلن جو ڪارڻ آهي وڻن جي واڍي هڪ پاسي سنڌ سرڪار اربين رپيا هر سال وڻن جي پوکائي لاءِ  رکرائي ٿي پر ڪٿي به هڪ ٻوٽو نه ٿو پوکيو وڃي ويتر قدرتي وڻن جو قتل عام ڪرائي هزارين ميل علائقا ڀڙڀانگ ڪرائي ڇڏيا آهن سنڌ سرڪار توڙي تمام ادارن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو علائقن کي وڌيڪ خوبصورت ۽ گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ  سڄي سنڌ ۾ هڪ مهم هلائي ماڻھن کي وڻن جي قدر بابت آگاهي ڏين جيئن اسانجا قيمتي وڻ به بچي پون ۽ ايندڙ قدرتي مصيبتن جهڙوڪ برساتن ٻوڏن توڙي گرمين ۾ سهارو بڻيل رهن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.