وڏي وزير پاران سيف سٽي رٿا جي پي سي ون جلد تيار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته سيف سٽي پروجيڪٽ جو پي سي ون جلد تيار ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ چئن مهينن اندر منصوبي جي فزيڪل لانچنگ لاءِ بلڊنگ ٿي سگهي. هن چيو ته ان منصوبي تي عمل ڪرائڻ ۾ اسان کان اڳ ئي دير ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪندس. هن اها ڳالهه   وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪراچي ۾ شروع ٿيندڙ سيف سٽي پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير تيمور ٽالپر، وڏي وزير جي آءِ ٽي بابت خاص مددگار مس تنزيلا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ناڻي واري سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڊي جي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽيز، ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. هوڏانهن  وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ريڊ لائن، اورنج لائن، ييلو لائن ۽ ڪي سي آر رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي شھر جو ڏيک مٽجي ويندو. ھن اھا ڳالھھ سومر ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ايشن ڊولپمنٽ بينڪ (اي ڊي بي) جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جو قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي، پرنسپل سيڪريٽري، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ شرڪت ڪئي، وڏي وزير ريڊ لائن پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي پڪ ڏياري. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ترڪيءَ جي قونصل جنرل مسٽر ڪيمال سنگو (Mr Cemal Sangu) سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻن پاسن وارن لاڳاپن ۽ مختلف رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ترڪي ھن وقت سنڌ ۾ شمسي توانائي تي ڪم ڪري رھي آهي ۽ ترڪي جون خانگي يونيورسٽيز ڪراچيءَ ۾ پنھنجون يونيورسٽيز قائم ڪرڻ چاھن ٿيون. وڏي وزير چيو تھ ترڪي جي ڪمپني حيدرآباد ۾ ويسٽ مينجمنٽ ۾ پڻ ڪم شروع ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.