اسلام آباد ۾ گڙٻڙ تي مرمت ڪبي، گورنر شرافت سان هليو وڃي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله صدر عارف علوي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڪلاڪن جو گورنر شرافت سان گهر هليو وڃي. اسلام آباد ۾ گڙٻڙ ڪندڙن جي مرمت ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته  صدر عارف علوي ۽ پنجاب جو گورنر عمر چيما اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪن جنهن سان تاريخ ۾ شرمسار ٿين. هن چيو ته صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس جو پابند آهي. وزيراعظم جي هدايتن تي عمل نه ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي هوندي. صدر عارف علوي تحريڪ انصاف سيڪريٽريٽ ۽ عمران خان جو غلام نه بڻجي پر آئين تي هلي.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته عمر چيمه ويندي ويندي ڪو نئون پنڊورا باڪس کولڻ کان پاسو ڪري ۽ شرافت سان گهر هليو وڃي. ٻئي طرف راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ قانون جي دائري ۾ مارچ جي اجازت آهي، گڙٻر تي مرت ڪئي ويندي. .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.