ٺٽي ۾ پاڻي کوٽ، سارين جو ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو، احتجاج

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي. جنھن جي ڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويو آھي. جڏھن ته سارين جو ٻيجارو به پوکجي نه سگھيو آھي. ان سلسلي ۾ آبادگارن محمد حسن سولنگي، شاھ زمان، رفيق سوداگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سُڪل فصل کڻي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھٿ وٺي ٺٽي جو پاڻي بند ڪيو ويو آھي، پاڻي جي بندش سبب پوکيل قيمتي فصل سڙي رھيو آھي ۽ زمينون بنجر بڻجي رھيون آھن، انتظاميا کي آگاھي ڏني آھي پر ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي. پاڻي جي وارابندي ڪئي وئي آھي، ٻائوپورنداس ۽ گھار مساڻ شاخن جو وارو ھجڻ جي باوجود اڃان تائين پاڻي ناهي پھتو آھي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.