شادي جي خبرن تي نيلم منير خاموشي ٽوڙي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا نيلم منير پنهنجي مڱڻي ۽ شادي جي خبرن تي وضاحت ڪندي مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو انٽرنيٽ تي پکڙجندڙ خبرن تي يقين نه ڪن.

نيلم منير انسٽاگرام اسٽوري ۾ مداحن سان مخاطب ٿيندي چيو ته سندس مڱڻي ۽ شادي جي حوالي سان پکڙجندڙ خبرون 100 سيڪڙو ڪوڙيون آهن، انهن تي يقين نه ڪيو وڃي.

اداڪارا واضح ڪيو ته هن نه ته مڱڻي ڪئي آهي ۽ نه ئي شادي ڪئي آهي.

هن مداحن کي اپيل ڪئي ته هو ڪوڙين خبرن تي يقين نه ڪن ۽ هي ڄاڻين ته اداڪارا اڃا تائين شادي ناهي ڪئي.

نيلم منير ذڪر ڪيل وضاحت اهڙي وقت ۾ ڪئي آهي، جڏهن تازو ئي سوشل ميڊيا جي ڪجهه پيجن ۽ يوٽيوب تي هڪ ڀيرو ٻيهر سندس شادي جون خبرون پکڙيون.

نيلم منير جي پراڻي تصوير کي شيئر ڪري دعويٰ ڪئي پئي وئي ته هن نئين زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.