پسند جي ڇوڪريءَ سان شادي نه ٿيڻ تي نوجوان عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڇوڪريءَ طرفان شادي کان انڪار تي هڪ نوجوان عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو مڌيا پرديش رياست جي شهر اندور جي سوارن باغ ڪالوني ۾ پيش آيو، واقعي ۾ 9 ڄڻا زخمي به ٿيا.

پوليس ٻڌايو ته اڳ ۾ لڳو پئي ته واقعو شارٽ سرڪٽ سبب پيش آيو پر جڏهن سي سي ٽي وي فوٽيج ڏٺو ته هڪ شخص باهه ڏئي رهيو هو، جنهن کانپوءِ جاچ جو رُخ ئي تبديل ٿي ويو.

پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو ته هو زخمي هو، هن گرفتاري کان بچڻ لاءِ پاڻ کي زخمي ڪيو هو پر پوءِ ڏوهه قبولي ورتائين.

جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته جوابدار متاثر عمارت ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ پئي چاهي پر ناري جي شادي ٻئي هنڌ ٿي رهي هئي، جنهن تي هن ڪاوڙ ۾ اچي اهو انتهائي قدم کنيو.

پوليس اختيارين موجب ٻنهي ۾ ڪجهه عرصو اڳ جهيڙو به ٿيو هو، جوابدار جو چوڻ آهي ته هن اهو رڳو ڇوڪري کي سبق سيکارڻ لاءِ ڪيو پر خبر نه هئي ته ايڏو نقصان ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.