متحده لاءِ سنڌ ۾ 2 وزارتون ۽ صلاحڪاري، نسرين جليل گورنر بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ نسرين جليل کي سنڌ جي گورنر طور مقرر ڪرڻ لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي.ذريعن موجب شهباز شريف نسرين جليل کي گورنر بڻائڻ لاءِ سمري صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سنڌ جي گورنر لاءِ وزيراعظم کي 5 نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جن ۾ نسرين جليل، عامر خان، عامر چشتي، وسيم اختر ۽ ڪشور زهرا شامل هئا. واضح رهي ته سمري جي منظوري جي صورت ۾ نسرين جليل سنڌ ۾ تقريبن اڌ صديءَ کانپوءِ پهرين عورت گورنر هوندي. ان کان اڳ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي گهرواري رعنا لياقت علي خان 1973 کان 1975 تائين سنڌ جي گورنر رهي. هوڏانهن  پ پ پاران ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 2 وزارتون ۽ ھڪ صلاحڪاري ڏيڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آھي، پ پ قيادت ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آھي.ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آھي ته پ پ پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعت ۽تجارت وارا کاتا ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي،  ايم ڪيو ايم پاران ھائير ايجوڪيشن ڪميشن واري کاتي واري مطالبي تي به پ پ پاران غور ڪيو ويو آھي، صلاحڪاري ڏيڻ جو امڪان آھي. پ پ پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايڊمنسٽريٽر جي مقرري لاء به ايم ڪيو ايم کان نالا طلب ڪيا ويا آھن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.