بوزدار وڏا مان اغوا ڪيل ڳوٺاڻو بازياب نه ٿيو، پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

بوزداروڏا (ن ع آ) بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان  رند جو رهواسي اعجاز علي منڱريو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کيس بازياب ن ڪرائي سگهي جڏهن ته ٻئي طرف سندس وارث عورتن مردن ۽  معصوم ٻارڙن جو مٿي تي  پاڪ ڪتاب کڻي  سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي سندس امڙ زرينا خاتون  غلام صغران منڱريو شمشاد منڱريو نواز علي منڱريو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي ڪجه بااثر ماڻهن اسان جي مخالفن جي چوڻ تي عورتاڻي آواز تي  اغوا ڪرايو آهي ڪٿي اسان جي نوجوان کي کيس قتل ن ڪرايو وڃي اسين غريب مسڪين آهيون اسان وٽ گهر ۾ کائڻ پئڻ لاءِ ڪجهه به ناهي مٿان اغوا ڪندڙ اسان کان ڏھ لک روپيا گهري رهيا آهن هنن وڌيڪ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪندڙ کان آزاد ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.