تنگواڻي ۾ مڪاني چونڊون، عوام پ پ کان مايوس، آزاد اميدوار بيهارڻ جو اعلان

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون شروع ٿي ويون. مختلف ڳوٺن کي ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي مانجهي يوسي جي عوام آزاد اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو آهي. يوسي مانجهي جي معززن مقدم سيلاني خان ڏاهاڻي پنهنجي پٽ حاجي تاج محمد ڏاهاڻي کي يوسي چيئرمين طور بيهارڻ لاءِ برادري ۽ يوسي جي ووٽرن جو ڪٺ گهرايو، ڪٺ ۾ شريڪ تاج محمّد ڏاهاڻي،ديدار ڏاهاڻي،جمعو خان، بابل ڏاهاڻي، جلال ڏاهاڻي، محمد موسي ڏاھاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.هنن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪئي، جن ڪامياب ٿيڻ بعد ڪي  به ترقياتي ڪم نه ڪرايا، بنيادي مسئلا ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب عوام ۾ مايوسي آهي، ان ڪري آزاد اميدوار بيهاري انهن کي ووٽ ڏيڻ گهرون ٿا.

  • حاجي انور مهر پ پ جو سرمايو هو: ناصر شاهه

سکر(بيورو رپورٽ) صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه پاڪستان پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي صدر حاجي انور خان مهر جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو  اظهار ڪندي جاري ڪيل بيان ۾ مرحوم جي پونئرن سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حاجي انور خان مهر پيپلزپارٽي جو سرمايو هو، هن پنهنجي زندگي جو هڪ وڏو حصو پيپلزپارٽي کي ڏنو، سندس وڇوڙي وارو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي. ٻي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اسلام الدين شيخ پاران جاري ڪيل بيان ۾ حاجي انور خان مهر جي ڏک تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

  • گهوٽڪي ۾ ساوند برادري پاران اميدوار بيهارڻ جو فيصلو

گهوٽڪي( ڊ ر ) ساوند برادري جو ڪٺ چيف مقدم رئيس عبدالسبحان ساوند ۽ رئيس منظور احمد ساوند جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي لڳ ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان ڳوٺ رئيس منظور ساوند ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ساوند برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي متفقه راءِ سان يوسي لٻاڻو لاءِ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي منشي ارصلاح ساوند کي مڪاني چونڊن ۾ اميدوار نامزد ڪيو ويو، ان کان علاوهه سرحد، قادرپور، ڳوٺ  عبدالحئي ساوند، ٻيرڙي فارم، ڏنگڙو واهه، بائي پاس، ڄام جي ڳوٺ، سميت ساوند برادري جي اڪثريتي علائقن ۾ پنهنجا اميدوار بيهارڻ لاءِ صلاح مشورا پڻ ڪيا ويا، ساوند برادري جي ڪٺ کي خطاب ڪندي چيف مقدم رئيس عبدالسبحان ساوند چيو ته ساوند برادري جي اڪثريتي علائقن ۾ انهن جي ماڻھن جو ئي حق آھي ڪنھن ٻئي جي سپورٽ ڪرڻ بجائي اسان پنهنجا اميدوار آڻينداسين.

  •  ڪوٽڏيجي۾سومرا برادري جو ڪٺ، مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن تعلقه ڪوٽڏيجي جي صدر ڊيئر امان الله سومرو پاران عيد ملن پارٽي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ اقبال حسين سومرو، نثار حسين، غلام عباس سومرو، عظمت الله سومرو، استاد خالد حسين سومرو، وڏو دلمراد سومرو، محمد ابراهيم سومرو، روشن علي، غلام شبير سومرو علي بخش سومرو سميت وڏي انگ ۾ سومرا برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊيئر امان الله سومرو چيو ته ڪوٽڏيجي تعلقي جي 14 يونين ڪائونسلن ۽ ٽن ٽائون ڪاميٽين جي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ سومرا برادري جي نوجوانن کي بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي جن جن وارڊن ۾ سومرا برادري جي نوجوانن فارم ڀرايا آهن، انهن جي ڀرپور نموني سان حمايت ڪئي ويندي

  • ڪلوئي تعلقي ۾ چونڊ چهچٽو، پ پ ۽ اربابن کي اميدوارن جي ڳولا

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) ڪلوئي تعلقي ۾ مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي  پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ارباب لطف ۽ محمد خان لنڊ الڳ  الڳ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي. هوڏانهن پي ٽي آءِ ارباب گروپ جي ارباب انور جبار، ارباب عمران ۽ بئريسٽر ارباب ظفر الله جي اڳواڻي ۾ به مختلف برادرين جي ماڻهن سان ميٽنگون ڪوٺايون ويون. تعلقي ڪلوئي جي مختلف برادرين جا ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ لنڊ هائوس پهتا جتي پ پ محمد خان لنڊ عوامي عدالت لڳائي ماڻهن کان راءِ معلوم ڪئي وئي، جتي همير هالو، فوجي محمد بخش کوسو، حاجي مبارڪ لنڊ، سيٺ  ڀڳوان داس لوھاڻو، آنند مهاراج، آتم ميگھواڙ، نهرو ولاسائي، شير خان لنڊ، گل محمد، سوڀو لنڊ، علي خان کوسو، الهڏنو ملاح ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته محمد خان لنڊ جتي چوندو اتي ووٽ ڏينداسين. هنن چيو ته ٿرپارڪر ۾ ان زماني ۾ ڪو پيپلز پارٽي جو جهنڊو لڳائڻ وارو نه هوندو هو تڏهن به هي پارٽي لاءِ ڪم ڪندو هو هنن چيو ته اڄ اسان کي هڪ قسم جي خوشي ٿي آهي جو اسان کي کلي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته اسان وٽ چونڊيل نمائندا جيئن ووٽ وٺي ويا وري واپس نه آيا آهن. هنن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اهڙو ماڻهو اچي جيڪو اسان جي ڏک سک جو ساٿي هجي ۽ اسان جا جائز ڪم ٿين. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي جهوني اڳواڻ محمد خان لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پارٽي سان سچا رهيا آهيون مون اڄ بنا ڪنهن فرق جي سڀني ذاتين جي ماڻهن کي هتي گهرائي عوامي عدالت لڳائي کين پنهنجي اظهار جي آزادي جو پورو حق ڏنو آهي. هن چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته ڪو اهڙو ماڻهو اچي جيڪو اڻپڙهيل  هجي، جنهن جا چيڪ ڪنهن مخصوص هنڌ تي پيل هجن. هن چيو ته آئون پارٽي قيادت کي چوندس ته ڪلوئي تي اهڙو ماڻهو آڻيو، جيڪو ايماندار ۽ اهل هجي.

 

  • ساماري ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ تي اتحاد قائم ڪرڻ جو فيصلو

سامارو ( ن ع آ) ساماري تعلقي ۾ مڪاني چونڊن جو چهچٽو شروع ٿي ويو آھي. هاڻوڪي اليڪشن ۾ تعلقي ساماري جي وڏي يونين  ڪائونسل پڌريو فارم ۾ مختلف برادرين پ پ پاران ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ گڏيل اتحاد قائم ڪري سامهون آزاد چونڊ وڙھڻ جو فيصلو ڪيو آھي.ڪالهھ پڌريو فارم جي ڳوٺ ڪيويڙو ڀوتراڻي ۾ ڪپري، ڀوتراڻي، سولنگي، ڀنڊ، ڀيل ۽ ڪولهي سميت مختلف برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته پ پ سان تعلق آهي، ٽڪيٽ نه مليو ته آزاد  اميدوار طور  اليڪشن وڙھڻ لاءِ بيهاريا ويندا. يوسي  چيئرمين لاءِ لياقت ڪپري، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر  لاءِ  ڌڻي بخش ڀوتراڻي کي اميدوار  نامزد ڪري ڇڏيو آھي. ميڙاڪي ۾ ديهھ سونٺي،  ديهھ 327، ديهھ ڊاڀو، ديهھ آراڙو، ديهھ کوسن واھ جي وائي  جي ڳوٺن  ڀوتراڻي،  ڪپري،  سولنگي،  ڀنڊ،  ڀيل، ڪولهي  برادري  سميت مختلف برادين جي ماڻھن لياقت علي ڪپري،  قادر بخش، رحمت الله ڪپري،عبدالرازق، اميد علي، ڌڻي بخش ڀوتراڻي، نبي بخش، ڪمال خان، رجب خان، مانجهي، واحد بخش،بالو خان، قائم خان،حسين بخش،  امير بخش سولنگي، خان محمد سولنگي،گل محمد سولنگي،سونهارو سولنگي، رحيم  ڏنو جوڻيجو، ڀڳڙو ڀيل، بهادرو ڀيل ۽ ٻين حمايت ڪئي. چگن مڙسن جو چوڻ آھي ته اسان پ پ جا ووٽر آھيون، هميشھ پ پ کي ووٽ ڏنا، بلدياتي الڪيشن ۾ چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل تي اسان جو حق آھي، ٽڪيٽ نه ملي ته اسان بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار بيهارينداسين.

  • لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊ فارم وصولي جي آخري تاريخ، 11 اميدوارن فارم وصول ڪيا

لاڙڪاڻو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ۾  ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ 11 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا، نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جي اڄ آخري تاريخ سڀاڻي کان اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويندا، نامزدگي فارم وصول ڪندڙ اميدوارن پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا، پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين طرفان هلندڙ هفتي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جا امڪان آهن. ان سلسلي ۾ ايندڙ مڪاني لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي چئن ٽائون ڪاميٽين ۽ تعلقي جي 46 يونين ڪائونسل تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ميمبر ڪائونسل جي سيٽن تان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 11 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا. رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن مان گڏ ڪيل انگ اکرن موجب ايمپائر ٽائون ڪاميٽي لاءِ 10 ۽ سچل ٽائون ڪاميٽي لاءِ هڪ اميدوار طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا جڏهن ته آچر ڏهاڙي جي ڪري حيدري ۽ دڙي ٽائون ڪاميٽي سميت لاڙڪاڻو تعلقي لاءِ ڪو به اميدوار نامزدگي فارم وصول ڪرڻ لاءِ نه پهتو. اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جي اڄ سومر ڏينهن آخري تاريخ آهي اهڙي طرح سڀاڻي 10 مئي کان 13 مئي تائين نامزدگي فارم وصول ڪندڙ اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويندا ان بعد فارمن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر جي چئن ٽائون ڪاميٽين سميت لاڙڪاڻو تعلقي جي 46 يونين ڪائونسلن جي سيٽن تي نامزدگي فارم وصول ڪندڙ اميدوارن پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۽ ٻين مخالف پارٽين طرفان اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا آخري مرحلي ۾ آهن ۽ هلندڙ هفتي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ بابت حتمي فيصلي جا امڪان پڻ آهن.

  • خيرپور ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول پڌرو ٿيندي ئي سرگرميون تيز

خيرپور ( س ر  ) بلدياتي الڪيشن جو شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ اين اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي سيد جاويد شاهه جيلاني،  صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ پاران خيرپور، ڪينگري،پير جو ڳوٺ، پريالوءِ ،ٺيڙهي ،ڳاڙهي موري سميت مختلف علائقن مان  جي ڊي اي ، فنڪشنل ليگ، پي ٽي آءِ ،قومپرست پارٽين سميت مختلف سياسي پارٽي جي حرن ، ڪارڪنن ۽ ناليوارن سياسي اڳواڻن پاران پ پ پ اڳواڻن جي هٿ تي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جا اعلان روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جنهن بعد پ پ مخالف سياسي جماعت جي اڳواڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن،  هن سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي سميت پ پ مخالف اڳواڻن  پ پ ۾ شموليت واران جي مختلف هرٻا هلائي رستا روڪ ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن،  هن سلسلي ۾ جهوني سياسي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اليندڙ بلدياتي الڪيشن ۾ خيرپور ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوارن وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ جا موقعا  نظر اچن پيا، جڏهن ته  ڪجهه سياسي اڳواڻن ويچار وڊيندي اهو پڻ چيو آهي ته پ پ جو نعمل بدل نه هجڻ ڪري مجبور ٿي ماڻهون پ پ ۾ شامل ٿين ٿا، جڏهن ته پ پ قيادت پڻ عوام جا ڪم سنجيدگي سان ڪري ٿي ،پر پ پ پ قيادت جا هيٺان اڳواڻن  پ پ ڪاڪرڪنن سان زيادتيون ڪري رهيا آهن، هنن جو اهو پڻ چوڻ هيو ته جيڪڏهن پ پ پ قيادت پنهنجي هيٺين ٽيم جي ڪارڪردگي تي نظر ثاني ڪري ته پ پ پ مخالفن کي مڪاني چونڊن يا عام الڪيشن ۾  شايد اميدوار به ملي نه سگهن.

  • راڄو خاناڻي ڀرسان ڪولهي اتحاد جو اجلاس، مڪاني چونڊن تي غور

راجوخاناڻي (ن ع آ) تعلقي تلھار پاڪستان ڪولھي اتحاد جو راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ چندر ڪولھي۾ ڊاڪٽر چندر ڪولھي جي رھائش گاھ  تي هڪڙي اھم گڏجاڻي ڪوٽائي وئي جنهن ۾ راجوخاناڻي.پيرولاشاري سعيدپور غلام شاه موري سميت ٻين مختلف يونين ڪاؤنسل جي اگواڻن،ڪامريڊ کيراج ڪولھي. استاد چرن ڪمار ڪولھي،رازو مڪواڻو، کجو پرمار،ماسٽر چرن پرمار، هريچند مڪواڻو، وشرام پرمار ڪولھي. ۽ ٻين سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ڪولهي برادري جي اندر تعليم کي اجاگر ڪرڻ. ۽ مڪاني ادارن جي اليڪشن۾ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ تفصيل سان غور ويچار ڪري فيصلو ڪيو ويو ته انھن ٻنهي مسئلن جي حل لاءِ ھڪڙي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ايندڙ اجلاس کان پهريان تجويزون جوڙي ايندڙ اجلاس پھرين جون تي رکيو ويو آهي ۾ پيش ڪري اھم فيصلا ڪيا ويندا اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر چندر ڪولھي ماسٽر چرن ڪمار کجو مل ڪولهي چيو ڪولھي برادري جو اتحاد وقت جي اھم ترين ضرورت آهي ھاڻ اھو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جا سمورا ڪولھي پاڪستان ڪولھي اتحاد جي جھنڊي هيٺ جمع ٿيندي پنهنجا بنيادي انساني حق حاصل ڪندا.

  • ميمڻ  ڳوٺ ۾ صحافين جي مان ۾ عيد ملن پارٽي ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان مذاڪرو

کوکراپار(ن ع آ ) ميمڻ ڳوٺ ۾ صحافين جي مان ۾ عيد ملن پارٽي ۽ مڪاني ادارن جي  چونڊن جو تجزيو جي عنوان هيٺ مذاڪرو گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف اخبارن ،ٽي وي چينلن ۽ ميڊيا هائوس سان لاڳاپيل صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي پنهنجن ڳوٺن مان عيد ڪري موٽندڙ ملير جي صحافين هڪ ٻئي کي عيد مبارڪون ڏنيون ڳلي مليا ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا تقريب ۾ مڪاني چونڊن جي تجزيي طور هڪ صحافي ڇا سوچي ٿو جي مذاڪري هيٺ مختلف صحافين سامي ميمڻ ،منظور سولنگي ،ارشد گبول ،سڪندر جوکيو،قادر درس ،آزاد يونس ، غلام علي گوندر ،سرور ميمڻ ،ايم زمان جوکيو ،مصري ملاڻو ،اصغر ميمڻ ،عبدالطيف ٻگهيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ملير ضلعو ايراضي جي حوالي سان ڪراچي جو سب کان وڏو ضلعو آھي جنهن جي آبادي 20 لک کان به وڌيڪ آھي هنن چيو ته اڪثر سياسي پارٽين پڙھيل لکيل باشعور نوجوانن مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي تياري نه ڪئي آھي ان جي ڀيٽ ۾ عادي اقتدارين وڏيرن بااثر ماڻھن ايترا ته فارم ڀرايا آھن.  جو پيپلزپارٽي ٽڪيٽون ورهائڻ ۾ ڏکائين جو شڪار ٿي وئي آھي ان جو ڪارڻ فني بنيادن تي 30 يونين ڪميٽيون ۽ ٽي ٽائون ٺاهڻ آھي ، هنن چيو ته جيڪڏهن پوري سنڌ جيان ملير ضلعي جي عوام کي پنھنجن ڳوٺن ۽ وسيلن کي بچائڻو آھي ته پڙھيل لکيل نوجوانن سياسي سماجي اڳواڻن پنهنجي ملڪ ۽ ضلعي جي پورهيت عوام سان محبت ڪندڙ ڌرين چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام وڌيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويندو .

  • بلدياتي چونڊن ۾ سمورين يوسين تي اميدوار بيهاريا ويندا: صالح انڍڙ

سکر( رپورٽر) جي يو آءِ سکر جي اڳواڻ مولانا صالح انڍهڙ چيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ سکر جي سموري يوسين تي اميدوار بيهاريا  ويندا. چونڊن جي شيڊول ۾ ڪنهن به قسم جي ديري برداشت نه ڪئي ويندي، هن اهڙيون ڳالهيون روهڙي ۾ مختلف يوسين جي ڪوٺايل گڏيل اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيون، اجلاس جي صدارت غلام مصطفيٰ ٻرڙو ۽ مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي، اجلاس ۾ حافظ عبدالحميد مهر، مولانا زبير احمد مهر، قاري لياقت علي مغل، مولانا علي اڪبر عباسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ سکر ضلعي جي سمورين يوسين، ٽائون ڪميٽين ۽ ميونسپل ڪميٽين ۾ اميدوار بيهاريا ويندا. ايندڙ چونڊن ۾ جي يو آءِ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

  • ڪنڌڪوٽ  ۾ جوڙ ٽوڙ،عابد سندراڻي کي اتحادي ڇڏي ويا، مزاري گروپ ۾شامل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:عرفان کوسو) ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون تيز ٿي ويون آهن. پ پ سان تعلق رکندڙ شبير بجاراڻي ۽ عابد سندراڻي به پنهنجي اتحادين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا. هوڏانهن مزاري گروپ جي سردار سليم جان مزاري ڪنڌڪوٽ پهچي ڪارنر ميٽنگون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ٻئي طرف سندراڻي گروپ طرفان گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ بيٺل هڪ اڌ ڪائونسلرن سندراڻي گروپ کي ڇڏي مزاري گروپ ۾شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سردار سليم جان مزاري مختلف برادرين جي ماڻهن ڏانهن وڃي ملاقاتون تيز ڪري ڇڏيون آهن.ڪنڌڪوٽ ۾ سردار سليم جان مزاري پنهنجي اهم اتحادي آغا شمس الدين پٺاڻ جي رهائش گاهه تي گڏجاڻي رکي، جتي تر جي سردارن، معززن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي شهرين ڪنڌڪوٽ سان ٿيندڙ زيادتين جو حوالو ڏنو ۽ ڪنڌڪوٽ لاوارث بڻيل هجڻ جون دانهون ڪيون.هنن سردار سليم جان مزاري کان سوال ڪيو ته اوهان سندراڻي گروپ کان ناراض آهيو، جيڪڏهن هن سان اوهان ٺهي وڃو ٿا ته اسان ڪنڌڪوٽ جا شهري ڏٺا ٿينداسين ۽ ڪنڌڪوٽ شهر سان ۽ شهرين سان پوءِ اڳ کان وڌيڪ ناجائزيون ٿينديون.ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سليم جان مزاري چيو ته لوڪل باڊي جي شروعات به آهي هاڻي ضلعي جي صورتحال تي تبصرا به ٿيندا رهندا.هي گڏجاڻي ڪنهن جي خلاف ناهي،جيڪڏهن بجاراڻي ۽ سندراڻي سمجهن ٿا ته هي گڏجاڻي سندن خلاف آهي ته اها هنن جي ڀل آهي. سليم جان مزاري جو چوڻ هو ته جتي بهتري جي ضرورت هوندي، اتي سرعام بيهنداسين.هن چيو ته ڪنڌڪوٽ جو سوال آهي ته ڪنڌڪوٽ ڪنهن جو شهر آهي ۽ ڪنڌڪوٽ جي خدمت ڪرڻ جو حق ڪنهن جو آهي ڪنڌڪوٽ جي چيئرمين جو حق ڪنهن جو آهي، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪنڌڪوٽ ذاتي ملڪيت آهي، اها انهن جي غلط فهمي آهي، ڪنڌڪوٽ اسان جو گڏيل هيڊڪواٽر آهي، جيترو حق بجاراڻي،سندراڻي ۽ مزاري جو آهي ته اوترو حق سڀني ڪنڌڪوٽ شهر واسين جو آهي. نمائندن کان وڌيڪ جيڪي لوڪل ماڻهو رهن ٿا انهن جو حق ڪنڌڪوٽ ۾ آهي

 

  • ريتي ۽ ڀرپاسي ۾ اليڪشن حوالي سان سرگرميون تيز

ريتي ( رپورٽ : وجي ڪمارچاولا )ريتي ۽ ڀرپاسي ۾ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان مختلف برادرين جي ماڻهن پاران سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن.  جنهن بعد گذريل ڏينهن يوسي جھنگل ملڪ جي ملڪ برادري پاران چيف آف ملڪ سردار لهڙي خان ملڪ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ جنهن ۾ برادري جي چڱن مڙسن ڌڻي بخش ملڪ، بشير احمد ملڪ ،الهو ڌاريو ملڪ،استاد عزيزالله ملڪ ،وڏيرو عاربي خان ملڪ، رئيس رسول بخش ملڪ، لاهوتي احمد بخش ملڪ، رستم علي ملڪ سميت برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  گڏجاڻي دوران مڪاني ۾ متفقه طور تي ملڪ برادري  جي ماڻهن کي ميدان ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان موقعي تي چيف آف ملڪ سردار لهڙي خان ملڪ ڳالهيندي چيو ته يوسي جھنگل ملڪ جي ملڪ برادري کان هر ڀيري ووٽ وٺي چونڊيل نمائندن پاران ڪو فائدو نه ڏنو ويو آهي جڏهن ته وڏي آبادي رکندڙ قديمي ڳوٺ مٺي پاڻيءَ، سرڪاري اسڪول، اسپتال، گندي پاڻي جي نيڪال، پڪيون گهٽيون، اسٽريٽ لائٽس سميت ڪا به بنيادي سهولت موجود نه آهي برادري جي فيصلي مطابق اسان مڪاني اليڪشن ۾ پنهنجا اميدوار سامهون آڻينداسين ۽  ڀرپور نموني مقابلو ڪنداسين آخر ۾ سموري برادري وفا جا وچن ڪندي هٿن ۾ هٿ ملائي ٻڌي جو اظهار ڪيو.

  • سنڌ جي مڪاني ادارن جي نظام کي ڪارو قانون سمجهون ٿا: ڊاڪٽر صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي مخالف لاڙڪاڻو عوامي  اتحاد جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي طرفان ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي سمورن تڪن تي اتحادين سان گڏجي اميدوارن جي نالن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ڪالهه ميروخان پهچي مسرت علي شاهه، سيد ارسلان شاهه، حاجي رکيل تونيو ۽ نياز سميت سميت قمبر شهدادڪوٽ جي پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد علي هڪڙو ۽ جي يو آءِ اڳواڻ عزيز سان ملاقات ڪري مڪاني چونڊن سميت سياسي صورتحال بابت گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ انصاف سميت ٻين اتحادين جي صلاح مشوري سان مڪاني چونڊن ۾ سمورن تڪن تي متفقه طور اميدوار بيهاريا ويندا. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته اسين سنڌ جي مڪاني ادارن جي نظام کي ڪارو قانون سمجهون ٿا تنهن ڪري ان کي چئنليج ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي جنهن جو تمام جلد فيصلو به اچڻ وارو آهي پر ان جي باوجود اسين لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ هڪ به تڪ تي حڪمران جماعت لاءِ ميدان خالي نه ڇڏينداسين ۽ انهن جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته اسين مطالبو ٿا ڪريون ته مڪاني ادارن جي نظام واري قانون کي سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلن جي روشني ۾ ٺاهيو وڃي جنهن سان اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪري مڪاني ادارن جي نمائندن کي بااختيار بڻايو وڃي جيئن هو عوام جي خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اتحادين سان صلاح مشورا جاري آهن جنهن ۾ عوام دوست اميدوارن کي بيهاري اتحادين سان مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.