دل جي مرضن ۽ شگر جهڙين بيمارين کان بچڻ جو انتهائي سولو طريقو

 

دل جا مرض ۽ شگر ٽائپ 2 مرض سڄي دنيا ۾ هر سال ڪروڙين ماڻهن جي موتن جو سبب بڻجندا آهن پر انهن کان بچڻ گھڻو سولو ۽ توهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي.

بس سڄي ڏينهن ۾ گھڻو وقت ويهي گذارڻ جي بدران گھمندي ڦرندي گذارڻ جي عادت اختيار ڪيو.

فنلينڊ جي ٽورڪو يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شوگر ٽائپ 2 ۽ دل جي نالين سان جڙيل مرضن جو خطرو جسماني طور تي گھٽ متحرڪ ۽ ناقص غذا جي استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي.

ان تحقيق ۾ سڄي ڏينهن ۾ ويهي گذارڻ سان جسم تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو.

ان مقصد لاءِ اهڙن ماڻهن کي تحقيق ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪي گھڻو وقت ويهي گذارڻ جا عادي هئا ۽ انهن ۾ شوگر ٽائپ 2 ۽ دل جي مرضن جو خطرو وڌيڪ هيو.

محققن موجب جيڪڏهن ورزش ڪرڻ ممڪن ناهي ته ويهڻ جو وقت گھٽ ڪري هلڪي جسماني سرگرمي وڌائي به صحت کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو ۽ ان طرح ورزش ڪرڻ کي عادت بڻائڻ به سولو ٿي سگھي ٿو.

هنن چيو ته ويهڻ جو وقت گھٽ ڪرڻ سان انهن مرضن جو شڪار ٿيڻ جو عمل سست رفتاري جو شڪار ٿي سگھي ٿو پر گھڻو فائدو ان صورت ۾ ٿي سگھي ٿو، جڏهن جسماني سرگرمين جي شدت يا مدي کي گھڻي حد تائين وڌايو وڃي.

هن تحقيق جا نتيجا جرنل آف سائنس اينڊ ميڊيسن ان سپورٽ ۾ شايع ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.