ماءُ هڪ انمول رشتو

توفيقه الرحمٰن سومرو

اڄ 8 مئي سڄي دنيا ۾ مائرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، آئون ماءُ جي انمول رشتي کي سلام پيش ڪريان ٿي.  جيڪا ٻار کي پنهنجي ڪک ۾ سانڍي ۽ تڪليفن سان جنم ڏئي ٿي. ماءُ جي عظمت کي لفظن ۾بيان نٿو ڪري سگهجي، ماءُ جي سڄي عمر خدمت ڪندا رهون تڏهن به ماءُ جو حق پورو نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري ته الله سائين ماءُ جي پيرن ۾ جنت رکي آهي، ماءُ همشيه زنده ناهي رهندي، پر ماءُ جو پيار، محبت، ٻاجهه ، شفقت ۽ دعائون هميشه ياد ۽ زنده رهنديون آهن. پوري دنيا ۾ حد کان وڌيڪ پيار ڪندڙ، سچي دل سان دعائون ڪندڙ هڪ انمول هستي ماءُ ئي آهي.ڪنهن شاعر جا لفظ آهن ته عمر عبادت تون ڪرين، هوءَ جاڳي هڪ رات، پوءِ به هيءَ ڪائنات، مٽ نه آهي ماءُ جي.

ماءُ هڪ انمول رشتو آهي جيڪا زندگيءَ جي اونداهي راهن ۾ روشني جو مينار آهي، ماءَ هڪ اهڙي عظيم هستي آهي، جيڪا پنهنجو جوت جلائي راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري اولاد جي سٺي نموني سان پرورش ڪري ٿي. ماءُ جي رشتي جو ڪو به نعم البدل ناهي، جيڪڏهن ماءُ جو وجود نه هُجي ها ته زندگيءَ پٺيان زندگي نه ملي ها، اُها ماءُ ئي ته هوندي آهي جيڪا پنهنجي سر تي سڀ ڪجهه سهڻ ۽ هر شيءِ وسارڻ لاءِ تيار هوندي آهي، پر اولاد مٿان ڪک به برداشت ناهي ڪندي. ماءُ جي عظمت کي بيان ڪندي ٻنهي جهانن جي سردار حَضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ” ماءُ جي بددعا کان بچو، ڇو جو الله ۽ ماءُ جي دعا جي وچ ۾ ڪوئي پردو نه هوندو آهي ۽ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو. “

ٻاجهاري تنهنجي ٻولي، سٺو تنهنجو سڀاءُ

منهنجي مٺڙي ماءُ، جيئري جنت تون.

ماءُ جي محبت سمنڊ جي گهرائيءَ وانگر آهي، جيئن سمنڊ جي گهرائي جي ماپ نٿي ڪري سگهجي، اهڙي طرح ماءُ جي محبت کي ماپي نٿو سگهجي، هميشه ماءُ جيجل جو ادب ۽ احترام ڪجي، ماءُ کان دعائون وٺجن، ڇاڪاڻ ته ماءُ جي بددعا آسمانن کي به چيري ڇڏيندي آهي، هڪ دفعي پاڻ سڳورن صه جن وٽ هڪ صحابي آيو، عرض ڪيائين ته اي الله جا رسول صه مون تي سڀ کان پهرين ڪنهن جو حق آهي. پاڻ سڳورن صه جن فرمايو ته سڀ کان پهرين تنهنجي ماءُ جو توتي حق آهي، وري ان صحابي پاڻ سڳورن صه کان سوال ڪيو ، جنهن تي پاڻ سڳورن صه جن فرمايو تنهنجي ماءُ جو توتي پهرين حق آهي، ان صحابي ٽيون ڀيرو پنهنجي سوال کي ورجايو، تڏهن پاڻ ڪريم صه جن فرمايو تنهنجي ماءُ جو توتي پهريون حق آهي. آخرڪار جڏهن چوٿون ڀيرو پاڻ ڪريمن صه جن کان سوال ڪيو ته مون تي ماءُ کان پوءِ ڪنهن جو حق آهي. جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو ته پهرين توتي تنهنجي ماءُ جو حق آهي، پوءِ تنهنجي پيءُ جو توتي حق آهي.

دنيا ۾ ماءُ ئي بنا مطلب جي اولاد سان پيار ڪندي آهي، اُها ماءُ جيجل ئي هوندي آهي جيڪا اولاد جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهندي آهي. دنيا جي عظيم ڏاهي شيڪسپيئر چيو آهي ته  جيڪڏهن هر هڪ زندگي پويان ماءُ جون دعائون ڪڍيون وڃن ته اُها زندگي ئي نه رهندي، ڇو جو هر زندگي ماءُ جي دعائن سان ملندي آهي. ماءُ جي سڏ کي لبيڪ چوڻ جو اندازو حضرت محمد صه جي حديث مبارڪ مان لڳائي سگهجي ٿو، پاڻ ڪريم صه جن فرمايو ته آئون عشاءَ جي فرض نماز پڙهندو هجان ها ۽ ماءُ مون کي سڏ ڪري ها ته آئون نماز ڀڃي ڪري ماءُ کي جواب ڏيان ها لبيڪ امان.

ڪنهن شاعر ماءُ جي عظمت بابت لکيو آهي ته  امڙ نه هجي ها ته ٻي ڪا ذات نه هجي ها، نه ڏينهن هجي ها، نه ڪا رات هجي ها، نه جهوپڙي هجي ها، نه ڪا محلات هجي ها، نه جهڙ هجي ها، نه ڪا برسات هجي ها، رڳو رب لاشريڪ هجي ها، نه ڪا ٻي حيات هجي ها.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.