يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊي ختم، دال، آئل، کير ، پتي، بيسڻ ۽ شربت مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) يوٽيليٽي اسٽورز تي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي دال، بيسڻ ۽ کجي تي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه دالن جي قيمتن ۾ 10 روپيه في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ ماش جي دال 278 ۽ مڱن جي دال 179 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي، جڏهن ته بيسڻ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان بيسڻ هاڻ 170 کان 190 روپيه ڪلو ٿي ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ختلف برانڊز جي ڪوڪنگ آئل جي في ليٽر قيمت ۾ 20 روپين تائين جو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مختلف برانڊ جو في ليٽر کير به 20 روپيه مهانگو ٿيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب مختلف برانڊ جي 1500 ملي ليٽر شربت جي بوتل 51 روپين تائين مهانگي ٿي آهي ۽ 190 گرام چانهه جي پتي جي قيمت ۾ 12 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.