خط مامري تي ڪميشن جوڙيو وڃي:حليم عادل

گڏاپ (ن ع آ) تحريڪ پاڪستان ۾ وڪيلن اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ عدليه بحالي تحريڪ ۾ به وڪيلن ڪردار ڪيو  هاڻي حقيقي آزادي لاءِ به وڪيلن کي اڳتي اچڻو پوندو هڪ سازش تحت پاڪستان کي غلام بڻايو ويو آهي، موجوده صورتحال ۾ صرف فري اينڊ فيئر اليڪشن ئي بهتر حل آهي. خط اسڪينڊل تي سپريم ڪورٽ ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙي کليل عدالت ۾ تحقيقات ڪئي وڃي سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ملير بار ايسوسي ايشن ۾ وڪلين پاران ڏنل آجياڻي ۾ خطاب. پي ٽي آئي ۾ تازو شموليت اختيار ڪندڙ سينيئر قانونداد ايڊووڪيٽ رحمان ڏنو مهيسر جي ميزباني ۾ سنڌ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ ملير بار جي صدر عبدالرزاق سولنگي، آئي ايل ايف سنڌ جي صدر ايڊووڪيٽ رياض آفندي، ايڊووڪيٽ نصر الله جلباڻي، ايڊووڪيٽ نعيم قريشي، ايڊووڪيٽ ماه جبين ، ايڊووڪيٽ سهيل اعواڻ، ايڊووڪيٽ جميل چنا سميت ٻين سينئر وڪيلن ۽ پي ٽي آئي جي اڳواڻ شرڪت ڪئي. وڪيلن برادري کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته تحريڪ آزادي پاڪستان ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار هو قائد اعظم محمد علي جناح پڻ هڪ سينيئر وڪيل هو جنهن پاڪستان کي آزادي ڏياري هن چيو ته آئون پاڪستان جو ڪيس وڪلين وٽ کڻي آيو آهيان هن وقت پاڪستان جي آزادي خطري ۾ آهي وڪيلن کي پنهنجو ڪردار ڪرڻ لاءِ نڪرڻ گهرجي هي جنگ منهنجي يا پي ٽي آئي جي نالي هي جنگ مستحڪم پاڪستان جي جنگ آهي  بيروني سازش تحت هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪڍيو ويو عمران خان اهو ليڊر آهي جنهن اسلامي فوبيا، ناموس رسالت تي اقوام متحده ۾ آواز اٿاري ۽ پاڪستان کي هڪ آزاد خارجه پاليسي ڏني جنهن تي آمريڪا هڪ سازش تحت غلامن اڳواڻن کي خريد ڪري پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪرائي هن چيو ته سپر پاور صرف الله تعاليٰ جي ذات آهي اسان کي ٻي ڪنهن کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي هن چيو ته پاڪستان جي عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي هي هڪ سازش هئي يا مداخلت هي بحث هلي رهي آهي هن جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ  کي اپيل ٿا ڪريون ته ليٽر گيٽ معامري تي جڊيشل ڪميشن جوڙي کليل عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.