لاڙڪاڻي پوليس طرفان عورتن کي وڪرو ڪندڙ گروهه گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پنجاب ۾ ٻين شهرن جي عورتن کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، لاڙڪاڻو پوليس عورتن کي ڌوکو ڏئي  غلط پيشي لاءِ مجبور ڪري وڪرو ڪندڙ گروهه سان واسطو رکندڙ عورت سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس طرفان سرڪار جي فرياد تي اھڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ جاويد ولد ولي محمد ڀٽي، آسيه زال جاويد ڀٽي ۽ سندس پٽ جاويد ڀٽي شامل آهن جيڪي جناع باغ ۾ لاهور واسڻ 25 سالن جي عورت سڪينه ڌيءَ ياسين رانا راجپوت زال رجب آرائين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ آيا هئا. هن ٻڌايو ته جوابدار پنجاب صوبي سميت ملڪ جي ٻين علائقن مان عورتن کي ڌوکو ڏئي وڪرو ۽ غلط پيشي جي ڪڌي ڌنڌي ۾ ملوث آهن جن مٿان سرڪار پاران اي ايس آءِ ذوالفقار علي جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي طرفان مارڪيٽ پوليس کي شاباسي ڏيندي جاچ جي دائري کي وسيع ڪرڻ ۽ اهڙي عمل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.