هنزا ۾ مسافر ڪوچ سان حادثو، پرڏيهي سياحن سميت 15 ڄڻا زخمي

 

هنزا (ويب ڊيسڪ) هنزا ۾ سمائر نگر ڀرسان مسافر ڪوچ اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سياحن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثو سمائر نگر ڀرسان پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 پرڏيهي سياحن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، پرڏيهي سياحن جو واسطو فرانس سان آهي.

زخمين کي علي آباد اسپتال نيو ويو، جتي انهن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

واضح رهي ته شيشپر گليشيئر مان پاڻي خارج ٿيڻ سبب قراقرم شاهه بند ٿيڻ ۽ پُل ڪرڻ سبب متبادل روڊ استعمال ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.