ڪيٽي بندر ۾ معصوم ٻارڙن جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي

ڪيٽي بندر ۾ معصوم ٻارڙن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ٻارڙن هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ”پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو جيئن لاءِ پاڻي ڏيو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا.

ان موقعي تي معصوم ٻارڙن جو چوڻ هو ته سامونڊي پٽي جي پڇڙي ۾ ڪيترن ئي سالن کان زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته پاڻي کوٽ سبب انسان، جانور توڙي پکي اڃ وگھي مري رهيا آهن، فصل به نٿا ٿين، پاڻي ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.