يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي.

يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف ضروري شين تي ڏنل سبسڊي ختم ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب دالين، بيشن ۽ خارڪ تي جاري سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي.

سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ ماش جي دال 268 رپين مان وڌي 278 رپيا في ڪلو ٿي وئي، مڱن جي دال جي قيمت 160 رپين مان وڌي 170 رپيا ٿي وئي آهي.

بيسڻ 20 رپيا في ڪلو واڌ کانپوءِ 170 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته مختلف برانڊن جي ڪوئنگ آئل ۽ کير جي في ليٽر قيمت ۾ به 20 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

مختلف براڊن جي شربت جي 1500 ملي ليٽر بوتل 51 رپين تائين مهانگي ٿي وئي، 190 گرام چانهه جي پتي جي قيمت 12 رپيا وڌي وئي آهي.

پڌرائيءَ موجب وفاقي حڪومت طرفان 19 بدران 5 شين جي سبسڊي ڏني ويندي، کنڊ 70 رپيا في ڪلو ۽ 10 ڪلو اٽو 400 رپين ۾ ملندو.

گيهه 260 رپيا في ڪلو جي حساب سان ملندو، کنڊ 5 ڪلو، اٽو 10 ڪلو ۽ گيهه 5 ڪلو تائين ملندو، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط برقرار رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.