عاصم آخوند هڪ مارڪسي انقلابي ۽ دوست

نثار لغاري

ڪالهه 6 مئي عاصم آخوند جو جنم ڏينهن هو عاصم جيڪو خوشحال گهراڻي جو فرد هو پر علم ۽ مارڪسزم سان سندس وابستگي کيس مظلومن پورهيتن ۽ غريبن سان ڳنڍي ڇڏيو ، عاصم اسان جي اڳيان ان وقت ظاهر ٿيو جڏھن سوويت يونين ٽٽي چڪو هو ۽ هر طرف اهو چٻول هئو ته مارڪسزم ختم ٿي ويو پورهيت طبقي جي سياست ختم ٿي وئي

هي ان وقت نوجوان ٽھي ۾ انهن چند فردن مان هڪ هو جن مارڪسزم جو دفاع پئي ڪيو هو هر ان ماڻھو سان گفتگو ڪندو هو  جيڪو سندس ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪندو هو پوءِ  ڀلي هو ساڻس قطعي متفق نه ٿئي تمام گهڻي ڌيرج ۽ مدلل انداز  سان کيس پنهنجي نقطئه نظر کان آگاهه ڪندو هو مارڪسزم جي فڪري ترويج فلسفي تي ڪچهريون سندس زندگيءَ جو اڻ ٽٽ حصو هئا

هن پاڻ کي ڪافي حد تائين  ڊي ڪلاس ڪري ڇڏيو هو  هن جي مزاج ۽ طبعيت ۾ سادگي هوندي هئي  هو وڏ گهراڻو هوندي به پنهنجو رعب يا پئسي جي نمائش نه ڪندو هو نه ئي فڪري  طرح تمام وڏي اعلي مقام جو ڪو رعب وجهندو هو  هارين عام سادن ماڻھن سان ڪچهريون ڪندو هو  مون کي ياد آھي هڪ ڀيري سندس ڊرائيور عزيز ترڪ هن کان پڇيو ته اسان جا دشمن ڪير آھن ڪٿان کان اسان کي شروعات ڪرڻ گهرجي ته ان تي عاصم کيس سمجهايو ته اسين پهرين فڪري ۽ عملي طرح جاگيردار ۽ وڏيري سان جنگ ڪنداسين پوءِ  انهي کي شڪست ڏينداسين ته پوليس پوءِ  فوج ۽ آخر ۾ آمريڪا پاڻ اچي ميدان تي لهندو ان جو مطلب مقامي گماشتي سرمايدار جاگيردار وڏيري ۽ پوءِ  سندس طاقت فوج ۽ آخر ۾ سامراج کي شڪست ڏئي هڪ عزت وارو آزاد سماج قائم ڪنداسين سنڌي قوم جي قومي تشڪيل جو ڪم به هتي جو پورهيت طبقو ڪندو ڇو ته وڏيرو ۽ سرمايادار  ڪلاس مڪمل طرح ناڪارا  بڻجي چڪو آھي

عاصم ذاتي دوستي نڀائڻ وارو به هوندو هو سندس دوستي پنهنجي ڪامريڊن سان هوندي هئي جنهن کي هو وس آھر نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو هو  هو هڪ سٺو دوست به هو پوءِ  ڪچهريون اسٽيڊي سرڪل هئا ۽ ننڍيون جدوجهدون سوشلزم تي ليڪچر اهو سلسلو سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين هلندو رهيو اها 2008  جي  منجهند هئي جو هو اسان کان وڇڙي ويو فقط 33 سالن جي عمر ۾   ھن وقت به منهنجي ڪيفيت اها آھي جو جئين جئين وقت گذري پيو سندس يادگيريون ۽ ڪچهريون وسرڻ بدران تازيون ٿينديون رهن ٿيون سندس اوچتو  وڇڙي وڃڻ جو ڏک مرڻ گهڙي تائين رهندو

اسان گڏجي عاصم جي ايڊيٽر شپ ۾ آدرش ميگزين جاري ڪيو ته جئين وري سنڌ۾ مارڪسزم جي آبياري ڪجي 2005 کان 2008  تائين اهو سلسلوجاري رهيو  افسوس ته عاصم مارڪسزم تي تمام گهٽ لکيو ۽ اهو به فقط آدرش ميگزين جي ڪري اسان ۽ ٻيو دوستن جو فڪري نظرياتي حلقو سندس محنتن جو نتيجو آھي عاصم آخوند جو خواب هڪ خوبصورت سماج جو سپنو نيٺ ساڀيان ماڻيندو ظلم استحصال ۽ جبر جون سڀ صورتون نيٺ ختم ٿينديون

سنڌ۾ جاگيرداري وڏيراشاهي کي جيستائين ختم نه ڪبو ڪنهن قسم جي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهندي هڪ جمهوري سماج به تڏھن قائم ٿي سگهندو عاصم اڪثر ورجائيندو هو هن جو چوڻ هو ته عالمي ۽ مقامي سامراجي قوتن جو ڀرجهلو جاگيردار سردار ۽ وڏيرو آھي ان کي ڪمزور ڪرڻ جي هر سياست اسان جي سياست آھي وڏيري سان وڙھڻ معنيٰ آمريڪا ۽ ھتان جي قابض ھر حاڪم سان وڙھڻ عاصم  تمام ٿورو لکيو پر اهو اسان جي آدرش سٿ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ڪامران جتوئي ان ڪتاب آزادي جو فڪر تي رويو لکيو آھي

آزاديءَ جو فڪر – عاصم آخوند (ڪتاب)

"آزاديءَ جو فڪر” ڪتاب ڪامريڊ عاصم آخوند جي چونڊ لکڻين، ترجمن، انٽرويو ۽ سوالن جوابن تي مشتمل آهي. مارڪسي فڪر سان وابسطا ڪامريڊ عاصم صرف 33 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، پر ٿورڙي عرصي ۾ هُو وڏو ڪم ڪري ويو. سنڌ جي ڏاهي، دانشور محمد ابراهيم جويو عاصم جي مرتئي پڄاڻان لکيو هو ته "هڪ ڏينهَن جو آزادُ جيئڻُ، سڄِيءَ عمر جي غلامُ جيئڻَ کان بهتر آهي، ڇو ته آزاديءَ جو جيئڻُ سجايو ۽ سَڦلُ ۽ غلاميءَ جو جيئڻُ اجايو ۽ بي ثَمُر هجي ٿو. آئون پنهنجي سڀَ پَرئين سُپاهتي دوست عاصم آخوند جي ۳۳ سالن جي ننڍيءَ وهيءَ کي، سندن نِبار اُمنگن ۽ سُرتوان ارادن ۽ ڪمن کي ياد ڪندي، حياتِ انسانيءَ جِي گذاريِلَ هڪ مثالي وَهيِ سمجهان ٿو.” ڪتاب جي مهاڳ ۾ لطيف لغاري لکي ٿو ته "عاصم به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي بي انت ڪردار هو، جنهن جي سڄي شعوري زندگي هڪ خاص اعليٰ مقصد کي وقف ٿيل هئي. جنهن جي حاصلات لاءِ هو، هر پل هر گهڙي، سوچ ۽ لوچ ۾ محو ۽ مشغول هو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن شخص جي واتان نااميدي ۽ مايوسيءَ جو لفظ نه ٻڌو، ڪڏهن به مارڪسي فڪر ۽ عمل کان غافل نه ڏٺو. عاصم سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ اهو نالو ڪمائي ويو، جيڪو ڪن ٿورڙن ماڻهن کي نصيب ٿيو هوندو.”

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.