آءِ ايس آءِ سربراهه تبديل نه ٿئي ها ته حڪومت نه وڃي ها: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته کيس حڪومت ڪيرائڻ واري منصوبي جي ڄاڻ گذريل سال جولاءِ ۾ ئي پئجي وئي هئي. خاص پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جا خدشا هئا ان لاءِ هو نه پيو چاهي ته ڏکئي وقت ۾ انٽيلجنس چيف تبديل ٿئي، ان ڳالهه تي اهو تاثر ڏنو ويو ته مان جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي گذريل گرمين ۾ اندازو ٿي ويو هو ته جڏهن آمريڪا افغانستان مان ويندو ته اتي گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي جنهن جا اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا ۽ پيا به، اسان جا فوجي شهيد ٿيا، مان چاهيان ٿو ته هڪ انٽيليجنس چيف پنجن سالن کان آهي اهو ڏکئي وقت ۾ به موجود رهي. عمران خان چيو ته ٻيو مون کي اها به ڄاڻ هئي ته هي ن ليگ وارا ري انٽريي ڪرڻ وارا آهن، هي جيڪو هنن هاڻي ڪيو آهي مون کي گذريل سال جولاءِ کان خبر پوڻ شروع ٿي وئي هئي ته هنن پورو پلان ٺاهيو آهي حڪومت ڪيرائڻ جو، ان لاءِ مان نه پئي چاهيو ته جيستائين سيارو نڪري وڃي اسان جو انٽيليجنس چيف تبديل ٿئي ۽ اها ڪا ڳجهي ڳالهه نه هئي، مان پنهنجي ڪابينا ۾ سرعام چيو هو ته جڏهن اوهان تي ڏکيو وقت آهي ته اوهان پنهنجا انٽيليجنس چيف تبديل نه ڪندا آهيو ڇو ته اهي ئي حڪومت جون اکيون ۽ ڪن هوندا آهن. ساڳئي پوڊ ڪاسٽ ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته قوم تڏهن تباهه ٿيندي آهي جڏهن ننڍا چور پڪريو ۽ وڏا ڇڏي ڏيو، جهانگير ترين ۽ عليم خان جو مقصد اقتدار ۾ اچي فائدو کڻڻ هو. سندس چوڻ هو ته عليم خان مون مان اميد ڪري ٿو ته مان سندس زمين ليگل ڪرايان، عليم خان راوي تي 300 ايڪڙو زمين خريد ڪري ليگل ڪرائڻ چاهيندو هو، اتان عليم خان ۽ مون ۾ ويڇا پيدا ٿيا. جهانگير ترين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان جو مسئلو کنڊ بحران هو جنهن تي ڪميشن به ٺهي، جهانگير ترين انهن ماڻهن سان بيهي رهيو جيڪي ملڪ جا سڀ کان وڏا ڦوو آهن، شگر مافيا تي انڪوائري ويهاري ته جهانگير ترين سان اختلاف ٿي پيا. هوڏانهن  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو ته 20 مئي کانپوءِ ڪنهن وقت به اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس، نه ڪو ڪنٽينر توهان کي روڪيندو نه راڻا ثناءُ الله روڪيندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو جلسي کي خطاب ۾ چوڻ هو ته الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو منهنجي قوم جي جاڳائي ڇڏيو، ميانوالي کان حقيقي آزادي جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو، 20 مئي کانپوءِ ڪنهن وقت به ڪال ڏئي سگھان ٿو، توهان کي ڪير نه روڪيندو، نه 18 قتل ڪرڻ وارو راڻا ثناءُ الله روڪيندو نه شهباز شريف. عمران خان چيو ته آئون پنهنجي قوم کي ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جهڪڻ نه ڏيندس، جڏهن هي ڦورو مونکي نيازي چوندا آهن مونکي سٺو لڳندو آهي، جيستائين هي چور جيل نٿا وڃن انهن خلاف جهاد ڪندو رهندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف چئي ٿو ته پنندڙن کي غلامي ڪرڻي پوندي، شهباز شريف تون غلام آهين، اسان نه. عمران  خان چيو ته اڄ قوم هڪ ئي شي تي بيٺل آهي ته دوستي سڀني سان ڪنداسين پر غلامي ڪنهن جي به نه، هي عظيم قوم چورن جي غلامي نه ڪندي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ان چورن کي پاڻ تي مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪوڙن کي چيلينج ڪريان ٿو دنيا ۾ ڪٿي به وڃو هڪ ئي آواز ايندو غدار ۽ چور. هن چيو ته هي جيڪا مافيا آهي انهن گذريل ڏينهن اسان جي ڪارڪن شهباز گل تي حملو ڪرايو، شهباز شريف اهو ماڻهو آهي جنهن جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليس مقابلا ٿيا. عمران خان چيو ته اسلام آباد ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي سمنڊ اچڻ وارو آهي، هي ڦورن جو ٽولو ۽ انهن کي آڻڻ وارن جي سمجهندا هئا ته قوم ٿڪجي ويندي، قوم ته هاڻي تياري ڪري رهي آهي، پارٽي ته هاڻي شروع ٿي آهي. هن چيو ته اسلام آباد اچي هڪ ئي پيغام ڏيندس غلامي نامنظور، چونڊون ڪرايو، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت لوٽن ۽ پئسن ذريعي ڪرائي وئي، شرم اچڻ گھرجي، ماڻهن پنهنجا ضمير وڪڻي پرڏيهي سازش کي ڪامياب ڪيو، انصاف جي ادارن کان پڇان پيو ته ڇا ان تي پاڻمرادو ايڪشن نه وٺڻ گھرجي ها؟ عمران خان سوال ڪيو ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ٻڌو اٿو ته ڪو هڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي کٽي ۽ ٻي پارٽي وٽ وڃي؟ عدالتون 12هين وڳي کلي سگھن ٿيون ٿا ته چورن کي ڇو ڊس ڪواليفائي نٿو ڪري سگھجي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين ڪارڪنن کي چيو ته ضمير فروش ڪنهن به تڪ ۾ اچن ته توهان کي انهن جو بندوبست ڪرڻو آهي، ان ضمير فروشن کي اهو سبق سيکارڻو آهي ته سموري حياتي ووٽ ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ کان ڊڄن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.