شيخ رشيد جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت درخواست منظور

راولپنڊي(م ڊ( لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد گرفتاري کان اڳ ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ درخواست داخل ڪئي، شيخ رشيد جي درخواست تي جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان مختصر ٻڌڻي ڪئي ۽ ان 18 مئي تائين سندس عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. ان کان علاوه عدالت شيخ رشيد ۽ ان جي ڀائٽي راشد شفيق طرفان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ داخل درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ياد رهي ته شيخ رشيد تي فيصل آباد، گوجر خان، راولپنڊي ۽ اٽڪ سميت 9 شهرن ۾ توهين مذهب جا ڪيس داخل آهن جڏهن ته سندس ڀائٽي شيخ راشد شفيق کي اڳ ئي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن پاران نااهلي ريفرنس ۾ جواب جمع

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نااهلي ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ 3 رڪني ڪميشن پي ٽي آءِ جي 20 ناراض قومي اسيمبلي ميمبرن خلاف نااهلي ريفرنسز تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نور عالم خان جي وڪيل ٻڌايو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وڪيل ڪميشن کان وقت گهري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ ناراض ميمبرن طرفان جواب به جمع ڪرايا ويا آهن ۽ جن ميمبرن جواب جمع ڪرايا آهن انهن ۾ فرخ الطاف، عاصم نذير، افضل خان دهاندله، نواب شيروسير، راجا رياض، مخدوم سميع الحسن گيلاني، مبين احمد، باسط سلطان، عامر گوپانگ، اجمل فاروق کوسه، رياض مزاري، جويريه ظفر، وجيهه قمر، نزهت پٺاڻ، احمد حسين ڏهير، رانا قاسم نون، غفار وٽو ۽ رميش ڪمار پنهنجا جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، تحريڪ انصاف جي ناراض اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي وڪيل ڪميشن کي ٻڌايو ته منهنجو موڪل جواب تي صحيح لاءِ ناهي پهچي سگهي هو اڄ ئي صحيح ڪرائي جواب جمع ڪرائي ڇڏيندو. ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي ته لڳي رهيو هو ته ناراض ميمبرن جا وڪيل وقت گهرندا، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڌرين کي سڀاڻي دليل ڏيڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته اڱاري تائين هر صورت ۾ دليل مڪمل ڪريو ته جيئن فيصلي لاءِ وقت ملي سگهي. اليڪشن ڪميشن جي بلوچستان جي مميبر شاهه محمد جتوئي چيو ته 14 مئي تائين ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ريفرنسز تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.