ڪراچي ۾تيز رفتاريءَ سان موٽرسائيڪل هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار 20 جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾جمشيد ڪوارٽر واري علائقي مان  لاپرواهي، غفلت ۽ تيز رفتاري سان موٽرسائيڪل هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل 20 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت جوابدارن جي ضمانت 5-5هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. جوابدارن ۾ جواد، انضمام، شعيب، شوڪت ۽ ٻيا شامل آهن.

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اڄ ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪندو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير  شرجيل انعام ميمڻ اڄ ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪندو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ منجهند 2 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪري پريس ڪلب جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو ۽ صحافين جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ صحافين سان ڳالھ ٻولھ پڻ ڪندو.

ڪراچي ۾ عسڪري پارڪ وٽان مبينا اغوا ٿيل نينگري منگهو پير مان هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي عسڪري پارڪ مان اغوا ٿيل نينگري عليشا جو پتو پئجي ويو، جوابدار نينگري کي بلوچستان کڻي وڃي رهيا هئا پر ميڊيا ۾ خبرون اچڻ تي کيس ڇڏي ويا.نينگري هڪ ڏينهن اڳ عسڪري پارڪ وٽان گم ٿي وئي هئي، سي سي ٽي وي فٽيج ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نينگريءَ کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت ٻين ٻارن سان گڏ کڻي ويا هئا، جنهن کي  منگھوپير واري علائقي ۾ ڇڏيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.