ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرن جو ڪمپنين خلاف احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ سبب متاثر ٿيندڙ ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين کي شهنگائي،سائينو سنڌ ۽ ٽي سي بي ڪمپنين روزگار سميت ڪمن ڪارن ۽ ٺيڪن ۾ مڪمل  طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي،ڪولهي برادري جا 150 گهر پاور پلانٽ جي مڪمل گهيري ۾ اچڻ سبب زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي،ڪمپنين ڳوٺاڻن کي سهولتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ حڪومت به هٿ ڪڍي وئي آهي،حڪومت پاران في گهراڻي کي 3 لک معاوضو ڏيڻ واري ڪيل آڇ کي ڪولهي برادري جي ماڻهن ٿُڏي ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺ وروائي جيئان في گهر کي 43 لک معاوضو ۽ گهر ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جا رهواسي روزگار نه ملڻ خلاف سراپاءُ احتجاج بڻجي ويا،مختلف برادرين جي ماڻهن پاران يارهين ڏينهن به پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو ڪمپنين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،ڳوٺاڻن قلندر شاھ،حسن علي شاھ،ڪيوڙو ڪولهي،نانگجي ڪولهي،جولو ڪولهي،پريم چند ڪولهي،مبارڪ خاصخيلي،نور محمد خاصخيلي،عبداللّٰه جوڻيجو،منگل ڀيل،راجو ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بلاڪ ون جي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين اسان کي روزگار سميت ڪمن ڪارن ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي،ڪولهي برادري جي ماڻهن جا گهر پاور پلانٽ جي گهيري ۾ اچي چُڪا آهن،اُنهن کي ڪمپنين مڪمل معاوضو ڏيڻ بدران 3 لک ڏيڻ جو پلان جوڙيو آهي جيڪو قبول ناهي،جيڪا معاوضي ڳوٺ وروائي کي ڏنو ويو آهي اُهو ساڳئي 43 لک ڪولهي برادري جي ماڻهن کي ڏنو وڃي،هنن چيو ته اسان سان گئوچر ۽ سروي زمينون بلاڪ ون اندر اچي ويون آهن،اسين متاثر آهيون،ڪمپنيون روزگار ۾ مڪمل نظرانداز ڪري ٺيڪا به ڪميشن ۽ رشوت عيوض من پسند ماڻهن ڏئي رهيون آهن،جيڪا سراسر ناانصافي آهي،اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون،ڪير دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي،شهنگائي،سائينو سنڌ ۽ ٽي سي بي ڪمپنيون زيادتيون ڪري رهيون آهن،نوٽيس نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.