لياري يونيورسٽي جي معطل پي آر او کي جاچ بعد بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر ) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي پي آر او ۽ اڳوڻي سينڊيڪيٽ جي ميمبر وقار لغاري کي ذاتي رنجش  ۽ ناپسنديدگي جي بنياد تي غيرقانوني طريقي سان معطل ڪرڻ وارو فيصلو جاچ ڪميٽي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ايم پي اي شازيه سنگهار، معشوق شنباڻي ۽ اقبال بلوچ جاچ ڪميٽي ۾ شامل هئا، جاچ کانپوءِ خبر پئي ته غيرقانوني طور تي سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن کي ٻڌائڻ کانسواءِ وقار لغاري خلاف غيرقانوني ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته ان وقت سينڊيڪيٽ جو ڪورم به مڪمل نه هو، ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر اختر بلوچ ۽ رجسٽرار جي غيرقانوني واڌو چارج رکندڙ اختر خليلي ذاتي ناراضگي کي بنياد بڻائيندي سينڊيڪيٽ جي ميمبر وقار لغاري کي نشانو بڻايو، پر جڏهن سينڊيڪيٽ جو اجلاس گهرايو ويو ته ان اجلاس ۾ سينڊيڪيٽ جي ميمبر وقار لغاري کي نه گهرايو ويو ۽ انهي اجلاس ۾ مبينا طور تي سندس يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي، ۽ بنا ڪنهن جاچ جي کيس معطل ڪيو ويو، ياد رهي ته سينڊيڪيٽ جي باقي ميمبرن کان به ان موقعي تي راءِ نه ورتي وئي، جڏهن سينڊيڪيٽ جي ميمبرن سان رابطو ڪيو ويو ته هنن ان ڳالهه کان لاعلمي ظاهر ڪئي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ هنن هڪ زبان ٿي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ آڏو اجلاس دوران احتجاج ڪيو ته اسان کان وقار لغاري جي ڪيس بابت ڪا به راءِ ناهي ورتي وئي، ان موقعي تي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ نئين جاچ ڪميٽي جوڙي ۽ فوري جاچ جا حڪم جاري ڪيا، جاچ کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته پي آر او ۽ سينڊيڪيٽ جي ميمبر وقار لغاري تي سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد هئا ۽ اهڙو ڪو به قانون اجازت نٿو ڏئي ته توهان جاچ دوران ڪنهن به ڪنهن به ملازم کي نوڪري تان معطل ڪيو، جاچ ڪميٽي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي وقار لغاري کي فوري بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.