بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان جوابدار اهلڪار گرفتار

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ) پي پي ضلع ٽنڊو محمد خان جنرل سيڪريٽري خُرم ڪريم سومرو تي گذريل رات حملو ڪندڙ پوليس اهلڪار افضل  ڳنمڀير کي ٽنڊو محمد خان پوليس رات دير  سان گرفتار ڪري ورتو آهي جتي ملزم تي سخت تشدد ڪرڻ جا بہ اطلاع مليا آهن پوليس اهلڪار افضل ڳنمڀير کي رات دير سان سٽي ٿاڻي تان کڻي گم ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ڊي آئي جي حيدرآباد جي ٽيم جي انچارج کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي تہ اھلڪار کان ھٿيار ٿاڻي ۾ جمع  ڪرائڻ بدران پاڻ سان گڏ سر عام کڻي گهمندو رهيو ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي تہ پوليس ڪاروائي ڪندي اهلڪار جي گهر مان سرڪاري ھٿيار پڻ ھٿ ڪيو آهي واضح رهي ته گذريل رات ڳوٺ سليمان سومرو ۾ پوليس اهلڪار افضل ڳنمڀير مختيار ڪار عزيزاللّه سومرو ،ايس ايڇ او عباس علي سومرو جي مان ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ پي پي ضلع ٽنڊو محمد خان جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو پڻ موجود هو جتي هو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ٻي پاسي خرم ڪريم سومرو جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته خُرم ڪريم سومرو کي هڪ رٿيل سازش تحت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ڪجھ هٿياربند رستي تي تاڙ ۾ ويٺل هئا ته پي پي اڳواڻ تي منصوبه بندي تحت حملو ڪيو ويو هو پر خُرم ڪريم سومرو  معجزانه طور محفوظ رهيو پوليس پاران گرفتار ملزم جي نشاندهي تي ڇاپا هڻيا پيا وڃڻ جلد ٻيا ملزم پڻ قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.