ڊگھڙي جي اسپتال ۾ پيرسن فوت، ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام، لاش کڻڻ کان انڪار

ڊگهڙي(ن ع آ) ٽنڊوجان محمد ڀرسان 57هزار موري جي رهواسين ڀيل برادري جي ماڻھن جو تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان احتجاج،مٺو ڀيل، جاني ڀيل ۽ ٻين تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ فوت ٿيل  80ورهين جي پيرسن پئ راڻو ڀيل جي لاش کڻڻ کان انڪار ڪندي سخت احتجاج ڪندي چيو ته اڄ اسان پيرسن پي جنهن ۾ رت جي کوٽ جي ڪري علاج لاء اسپتال کڻائي آياسين رت جون ٻه بوتلون پڻ هٿ ڪيوسين پر اتي ڊيوٽي تي موجود عملي جي لاپرواهي جي ڪري رت نه لڳايو ويو ۽ پيرسن تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،هنن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ موجود عملي جي لاپرواهي سبب پيرسن شخص جو موت ٿيو آهي انصاف ملڻ تائين لاش نه کنيو ويندو ڪيترئي ڪلاڪ احتجاجن لاش اسپتال جي ميل وارڊ ۾ پيل رهيو،متاثرن پاران اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ جي خدشي سبب ڊگهڙي پوليس اطلاع تي اسپتال پهتي جنهن معاملي تي ظابطو آندو، متاثرن جو چوڻ هو ته اسان پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي ميرطارق خان ٽالپر کي پڻ معاملي بابت آگاھ ڪيو آهي ۽ هن اسانکي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي،آخرڪار ايم ايس تعلقي اسپتال جي نالي ملوث ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ لکت ۾ درخواست ڊاڪٽرن حوالي ڪري ڊاڪٽرن جي خاطري بعد لاش ڳوٺ کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.