”مڙس جي طعنن سان وزن گهٽايم“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا  حرا ماني اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي مڙس سلمان ثاقب شيخ المعروف ماني جي طعنن جي ڪري وزن گهٽايو ۽ گڏوگڏ اهو به چيو ته اهي مڙس ڀلا هوندا آهن جيڪي زالن کي وزن گهٽائڻ جا طعنا ڏيندا آهن، ڇو ته سندن طعنن جي ڪري ئي زالون وزن گهٽائين ٿيون.
نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام دوران زال مڙس ٻڌايو ته سندن شادي کي 14 سال گذري ويا اهن ۽ هاڻي ٻنهي وچ ۾ جهيڙا ناهن ٿيندا، اداڪارا حرا ماني ٻڌايو ته سادي کان اڳ هن ماني جي شخصيت کي سمجهي هڪ ڏينهن فون تي اڌ ڪلاڪ ڳالهايو ۽ کيس پنهنجي پيار جي ڄار ۾ ڦاسايو ۽ پوءِ منصوبابندي تحت ئي سلسلو اڳتي وڌايو.
حرا اعتراف ڪيو ته ان وقت ماني جي زندگي ۾ ٻيون به ڇوڪريون هيون ۽ هن سندن نمبر به پنهنجي ساهيڙي کان ورتو ۽ مڪمل منصوبي سان هن ماني جي دل کٽي ۽ ساڻس شادي ڪئي.
حرا ماني وڌيڪ چيو ته سندس وزن گهٽائڻ ۾ سندس مڙس جو ڪردار آهي، هن سندس فٽنيز ٽرينر بڻجي سندس وزن گهٽايو.
حرا انڪشآف ڪيو ته مڙس کيس ڪترينا ڪيف، ڪرينا ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون جي فٽنيس جا مثال ڏئي وزن طعنا ڏيندو هو جنهن تي هن به وزن گهٽائڻ جو ارادو ڪيو. ان دوران حرا چيو ته طعنا ڏيندڙ مڙس سٺا هوندا آهن، انهن جي طعنن سان وزن گهٽجي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.