نوشھرو فيروز/پڊعيدن ( نمائنده) پڊعيدن جي صحافي حيدر بخش پلھه جي آزادي لاءِ سياسي سماجي اڳواڻ رڪن الدين قريشي، شھيد ڀٽو اڳواڻ محمد سچل راڄپر ، ايم ظفر تڳر چيئرمين سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ مجيب الرحمان ڀريجو، قيوم راڄپر ،عبدالجبار پلھه، ممتاز ابڙو، عبدالحفيظ پلھه، ساجد جويو ،ڪامران جويو، مجاھد شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پڊعيدن کان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري نصرت ڪئنال پل تي ڌرڻو ھنيو ويو ۽ صحافي حيدر بخش پلھه جي بنا جواز گرفتاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ صحافي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پير رڪن الدين ھاشمي ٻين چيو ته صحافي حيدر پلهھ کي 8 ڏينھن اڳ رات جي اونداھي ۾ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي مٿس تشدد ڪري بنا جواز گرفتار ڪري کيس گم ڪيو ويو آھي، صحافي حيدر بخش پلھه کي غريب ۽ مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائڻ جي ڏوھ ۾ کنڀيو ويو آھي جيڪا سراسر ناانصافي آھي، هو ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾کيس فوري طور تي آزاد ڪري صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.