ڏهرڪي ۾ قرض واپس گهرڻ تان اهلڪار ڏمرجي پيو، احتجاج

ڏھرڪي ( ن ع آ ) ڏھرڪي لڳ داد جي رھائشي  ميهر گرگيج جو پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ پورهيت جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي پورهيت عيد جي ڏينهن به گهر نه وڃي سگهيو پورهيت جو چوڻ آھي ته درپدر آھيان ڪير به دانهن نه ٿو ٻڌي غريب آهيان منهنجي ڀاءُ  نظير گرگيج ۽ مون تي ڪوڙو ڪارنهن جو بهتان مڙهيو ويو آھي قرض جا پئسا واپس گهرڻ تان پوليس اهلڪار  غلام مصطفي گرگيج منهنجي مٿان ۽  ڀاءُ  نظير مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان مڙهي جرڳو گهريو انڪار ڪرڻ تي  ان پنهنجي  ڀائٽي  شمشاد خاتون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري مون کي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا مان مسڪين پورهيت آھيان عيد به گهر نه ڪئي اٿم نه ئي منهنجي ٻچڙن به عيد ناهي  ڪئي  انصاف نه ٿيو ته پاڻ ٽرين هيٺيان ڏيئي خودڪشي ڪندس  اهڙي زندگي کان موت ڀلي آھي پوليس اهلڪار داد لغاري تي هاڻي اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي انصاف ڪيو وڃي پوليس اهلڪار غلام مصطفي کان قرض جا پئسا گهريا سين ته ان چيو توهان ڪارا آھيو ان پنهنجي ڀائٽي شمشاد کي ڌڪ هڻي اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي ھن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.