جمال شاهه ۽ ڀرپاسي ارڙي وبا ۾ تيز، ڪيترائي ٻار وٺجي ويا

جمال شاھه (رپورٽ: مختيار مشوري) جمال شاھه ڀرسان مختلف ڳوٺن ڳوٺ ڄام زرداري ، منظور زرداري، عرس زرداري ٻين ۾ ارڙي جي بيماري پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب اٺن مھينن جي ھوا ۽ ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾  مبتلا ٿي ويا آهن، جيڪي مختلف پرائيويٽ اسپتالن مان علاج ڪرائي رهيا آهن، ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جا والدين سخت پريشان آهن، جڏهن ته ھفتو اڳ معشوق خاصخيلي جو 2 سالن جو معصوم نينگر اشفاق خاصخيلي پڻ ارڙي وگھي فوت ٿي ويو ھو، ھنن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي اسان جي ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندن زندگيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.