ميراڊونا جي جرسي اسپورٽس نيلامي ۾ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ارجنٽائن فٽبالر ڊيگو ميراڊونا جي جرسي لنڊن ۾ 9 ملين ڊالرن کان وڌيڪ عيوض نيلام ڪئي وئي آهي.

ڊيگو ميراڊونا اها ئي جرسي پائي 1986 جي فٽبال ورلڊ ڪپ ڪوارٽر فائنل ۾ شاندار گول ڪيو هو.

ارجنٽينا جي عهدساز فٽبالر 36 ورهيه اڳ اها جرسي پائي جيڪو تاريخي گول ڪيو هو، اهو انگلينڊ خلاف ميچ ۾ انجام ڏنل ڪارنامو هو.

لنڊن جي مشهور  Sotheby’s نيلام گهر ۾ ان جرسي کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو ته ميراڊونا جي هڪ پرستار ان کي 7.1 ملين پائونڊ يا تقريبن 9.3 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪيو.

ان کان اڳ راندين جي دنيا سان واسطو رکندڙ ڪنهن به شئي جي ايڏي وڏي قيمت ادا ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.