دنيا جي پهرين موبائيل فون ڪهڙي ڪمپني جي ۽ ڪيترن رپين جي هئي؟

 

اڄ ڪلهه تقريبن هر شخص موبائيل فون استعمال ڪري رهيو آهي ۽ جيڪو استعمال نه پيو ڪري اهو به ضرور موبائيل فون استعمال ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو پر ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا جي پهرين موبائيل فون ڪهڙي ڪمپني تيار ڪئي هئي ۽ ان کي ڪيتري رقم ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو هو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڄاڻي وٺو.

اپريل 1973ع ۾ موٽورولا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مارٽي ڪوپر نالي هڪ سخص ساٿين سان گڏجي پهريون ڀيرو هڪ ڊيوائس تيار ڪئي هئي جنهن جو وزن تقريبن اڌ ڪلوگرام هو.

موٽورولا ڪمپني آمريڪا ۾ مواصلاتي اوزار ٺاهيندي هئي ۽ ايتري مقبول ڪونه هئي.

مارٽي ڪوپر ۽ ساٿين جو ارادو دنيا جي پهرين سيليولر فون ٺاهڻ جو هو ۽ هنن کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ رڳو محدود وقت ڏنو ويو هو.

نيٺ 1983ع ۾ موٽورولا جي پهرين موبائيل فون مارڪيٽ ۾ اچي وئي جنهن جي قميت ان وقت چار هزار ڊالر ( ست لک 42 هزار رپين کان وڌيڪ) هئي ۽ موبائيل فون کي رڳو اميرن لاءِ سمجهيو ويندو هو.

ٿورڙي وقت ۾ موبائيل فون ايجاد ڪرڻ کانپوءِ موٽورولا ڪمپني جي ننڍڙي ڪمپني اي ٽي اينڊ ٽي جهڙي وڏي ڪمپني کي مات ڏيڻ کانپوءِ مقبول ٿي ۽ وڌيڪ ماڊلز تيار ڪيائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.