قيدي جي عشق ۾ گرفتار پوليس آفيسرياڻي کيس جيل مان ڀڄائي وئي

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پوليس جي هڪ بهترين آفيسرياڻي جيل جي خطرناڪ قيدي سان لاڳاپا رکڻ کانپوءِ کيس ڀڄائي وئي آهي.

پوليس جيل جي هڪ مفرور قيدي ۽ ان جي مدد ڪندڙ محافظ جي ڳولا ڪري رهي آهي ۽ جاچ دوران پوليس کي پتو پيو آهي ته ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا هئا.

آمريڪي رياست ايلاباما جي پوليس جي بيان موجب قيدي ڪيسي وائيٽ قتل جي ڏوهه ۾ قيد هو ۽ 56 ورهين جي پوليس آفيسرياڻي وڪي وائيٽ سندس مدد ڪئي ۽ پوليس ٻنهي جي ڳولا ڪري رهي آهي.

ياد رهي ته ٻئي پاڻ ۾ مائٽ نه هئا ۽ جيل ۾ اچڻ کان اڳ هڪ ٻئي کي سڃاڻيندا به نه هئا.

قيدي ڪيسي وائيٽ کي فرار ڪرائڻ لاءِ پوليس آفيسرياڻي سندس معائنو ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃڻ جو بهانو بڻايو ۽ اڪيلي کيس طبي معائني لاءِ وٺي وئي ته ٻئي فرار ٿي ويا.

پوليس آفيسرياڻي هوشياري کان ڪم وٺندي پنهنجي موبائيل فون بند ڪري ڇڏي آهي، مختلف اي ٽي ايمز مان رقم ڪڍرائي رهي آهي ۽ مختلف نمبر پليٽن وارين ڪارن ۾ کيس ڏٺو ويو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هوءَ هڪ بهترين آفيسرياڻي هئي ۽ هن جي ايمانداري تي ڪو شڪ نه پئي ڪري سگهيو، اهو ئي سبب آهي جو سڀ حيرت ۾ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.