ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جاپاني وزيراعظم سميت 63 جاپاني شخصيتن جي روس اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
روس جو چوڻ آهي ته جاپاني شخصيتن تي پابندي انهن جي روس خلاف نه قبولڻ جوڳن بيانن سبب لڳائي وئي آهي.
روسي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاپان جي 63 شخصيتن جي روس ۾ داخلا تي ايندڙ حڪم تائين پابندي هوندي.
جن جاپاني شخصيتن تي روس طرفان پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، انهن ۾ جاپاني وزيراعظم، پرڏيهي وزير، بچاءَ وارو وزير، ٻيون جاپاني اختياريون، صحافي توڙي پروفيسر شامل آهن.