ايران ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 8 ڄڻا فوت، ڪيترائي بي حال

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 8 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا، جڏهن ته ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اهي علاج هيٺ آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب زهريلي گهريلو شراب واپرائڻ سبب فوتگين وارو معاملو ايراني شهر بندر عباس ويجهو سامهون آيو، جتي ڪيترن ئي ماڻهن گهر ۾ تيار ڪيل شراب واپرايو هو.

زهريلي شراب پيئڻ سان 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڊاڪٽرن ٻين 51 ڄڻن جون حياتيون بچائي ورتيون آهن پر سندن حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.