ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 9 مئي تائين موسم گرم ۽ گِهميل رهندي، وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مئي جي وچ تائين ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو ڪو امڪان ناهي.
هن چيو ته مٿين سنڌ ۾ 7 مئي کان گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته نار بنگال ۾ سائڪلون ٺهڻ جو امڪان آهي، 7 يا 8 مئي تي نار بنگال ۾ گهٽ دٻاءَ واري صورتحال جو امڪان آهي، لو پريشر ايريا سائڪلون ٺهڻ ڏانهن وڌي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب سائڪلون جو رُخ ۽ ان جا اثر بنگلاديش ۽ ميانمار ۾ پوندا، پاڪستان جي سامونڊي علائقن کي سائڪلون جو ڪو خطرو ناهي.