شرجيل ميمڻ کي هڪ ٻي وزارت ملي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ کي هڪ ٻي وزارت ڏني وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل ميمن کي گذريل هفتي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ کيس سنڌ جو اطلاعات وارو وزير بڻايو ويو هو.

هاڻ شرجيل ميمڻ کي ٽرانسپورٽ واري وزارت جو واڌو قلمدان به ڏنو ويو آهي.

ان کان اڳ ٽرانسپورٽ واري وزارت اويس قادر شاهه وٽ هئي، جيڪو هاڻ سنڌ ڪابينا جو حصو ناهي رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.