ماٿيلي لڳ 20 پورهيتن جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ سامان سڙي خاڪ

ميرپورماٿيلو/ داد لغاري(نمائندن وٽان ) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ سانوڻ بوزدار ۾ اوچتو گهرن کي باهه لڳي وئي آهي، ان حوالي سان باھ ۾ 20 پورهيتن راحب، شمن، نياز بوزدار ۽ ٻين جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا آهن، جڏهن ته باھ سبب چوپايو مال به سڙي مري ويو آهي، ڪکاون گھرن ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، اناج، سونا زيور ۽ ٻيو گهريلو سامان ۽ بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون پڻ سڙي رک ٿي ويون آهن، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو، هوڏانهن ڳوٺاڻن پاران پنهجي مدد پاڻ تحت باھ تي قابو پاتو، هوڏانهن  متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مددگار بڻيل آهن، ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.