پ پ ايم پي اي نعيم کرل کهڙا پهتو، ورڪرن ۽ شهرين سان ملاقاتون

کهڙا (ن ع آ) پ پ ايم پي اي نعيم کرل کهڙا پهتو. ورڪرن ۽ شھرين سان ملاقاتون ڪيون. پ پ پ ايم پي اي نعيم احمد خان کرل کهڙا شھر پهچي پ پ ورڪرن ۽ شھرين سان ملاقاتون ڪيون ايم پي اي نعيم خان کرل کهڙا ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي وائيس چئيرمين سيد ڇتن شاه جي بنگلي تي پهچي سندس فرزند پ پ اڳواڻ سيد مرتضي’ حسن شاه سان خصوصي ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جو اظھار ڪيو انهي موقعي تي پ پ اڳواڻ سردار ميان علي ڏنو اڄڻ. ميان رازق ڏنو اڄڻ. استاد نورالدين پنهور. سيد لياقت علي شاه. عبدالرزاق اڄڻ. عبدالحڪيم شر. نوراحمد خواجه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ. ورڪر ساڻس گڏ ھئا.

  • لاڙڪاڻي لڳ شارٽ سرڪٽ سبب ڪٻاڙ دڪان کي باهه

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور روڊ واري علائقي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ڪٻاڙ جي گدام کي اوچتو باهه لڳي وئي نتيجي ۾ لکين روپيا ماليت جو پلاسٽڪ، لوهه ۽ ٻيو ڪٻاڙ جو سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو جنهن بعد باھه تي ضابطو آندو ويو. ان موقعي تي گدام مالڪ عاطف شاهه ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب گدام ۾ پيل ڪٻاڙ جا پاٺا، پلاسٽڪ ۽ لوهه جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو جنهن ۾ 20 کان 22 لک روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي ته باهه سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.