وزيراعظم جا قطر، بحرين ۽ ترڪ قيادت کي فون، عيد مبارڪون

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ قطر جي عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، قطر جي امير به وزيراعظم کي عيد جون مبارڪون ڏيندي پاڪستاني عوام لاءِ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. رابطي دوران وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن جي جواب ۾ هن به وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت ڏني. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي شاهه حمد بن عيسي ال خليفا سان فون تي رابطو ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون. اهڙي طرح ترڪي جي صدر رجب طيب ارگان سان به رابطو ڪري ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.