ننڍڙي ڦوٽي جا حيرت انگيز فائدا

 

ننڍي ڦوٽي يا سائي ڦوٽي تي گهرن ۾ عام استعمال ٿيندو آهي ۽ اهو تقريبن دنيا جي هر ملڪ ۾ موجود هوندو آهي، ان جي استعمال سان صحت کي ته تمام گهڻا فائدا پهچن ٿا.

ڏسڻ ۾ ننڍڙي ڦوٽي جا وڏا وڏا فائدا آهن، جن مان ڪجهه توهان کي ٻڌائي رهيا آهيون.

کاڌي کانپوءِ وڏڦن ۽ ڦوٽن کي برابر وزن ۾ مڪس ڪري استعمال ڪجي ته هاضي جو نظام بهتر ٿي ويندو.

اهي ماڻهو جيڪي ٿولهه جو شڪار آهن يا جن جو پيٽ وڌيل آهي، به ڦوٽي جو استعمال ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ اهي تيزابيت کي به ختم ڪن ٿا.

بدهاضمي سان ٿيندڙ گيس ۽ مٿي ۾ سور جي شڪايت هجي ته سائي چانهه ۾ ڦوٽا وجهي پيئڻ سان فائدو ٿيندو.

ڦوٽو چاٻاڙي وات ۾ پيدا ٿيندڙ آلاڻ به وڌائي سگهجي ٿي، جيڪا خوراڪ کي هضم ڪرڻ ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي.

پيٽ ڦوڪجي وڃڻ ۽ دستن جي شڪايت ۾ ڦوٽن جو عرق پيئارڻ انتهائي فائديمند آهي.

جيڪڏهن توهان جي ساهه جي بدبوءِ ڪوششن باوجود ختم نٿي ٿئي ته ڦوٽي جو استعمال ڪيو، اهو اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون رکندڙ آهي ۽ ان جي تکي خوشبو وات مان ڌڪ ختم ڪري ڇڏي ٿي.

ڦوٽو ڦڦڙن ۾ رت جو دورانيو وڌائي نزلو، زڪام، کنگهه، سهڪو به گهٽائي ٿو، جڏهن ته بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ به فائديمند آهي.

ان جي پائوڊر جو اڌ چمچو ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا کائڻ سان ڊپريشن ۽ ٻيا دماغي ۽ نفسياتي مرض گهٽجي وڃن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.