عيد تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آنڌاري ۽ برسات جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي آنڌاري ته ڪٿي کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ اڄ ئي ڌوڙ مٽيءَ سان گڏ هوائون گهلڻ لڳيون آهن ۽ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ گهم جي شرح 41 سيڪڙو آهي ۽ اولهه کان هلندڙ هوائن جي رفتار 18 کان 24 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان گرمي ڪجهه گهٽجڻ جو امڪان آهي، اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن تحت 3 مئي تي لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ کان 4 مئي دوران اسلام آباد ۽ لاهور سميت اپر پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.