گهوٽڪي پوليس جي ڪارروائي، مغوي آزاد

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي  پوليس 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل مغوي شمن چاچڙ کي نانگ واھ واري ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو، وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، خبر موجب ايس ايڇ او سرحد امام الدين چانڊيو ايس ايڇ او آندل سندراڻي صفيع الله انصاري جي اڳواڻي ۾ سرحد ۽ آندل سندراڻي پوليس نانگ واھ جي ڪچي ۾ گڏيل ڪاروائي ڪري 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل مغوي شمن چاچڙ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ان سلسلي ۾ بازياب ٿيل مغوي شمن چاچڙ جو چوڻ هو ته پوليس مقابلي مون کي بازياب ڪرايو آهي ڀنگ وغيره ناهي ڀريو مغوي شمن چاچڙ جي بازيابي بعد وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.