راضيديري ويجهو زمين تان سولر چوري، آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻو

راضي ديرو (رپورٽ : خالد حسين کهڙو)  راضي ديرو عيد ويجهو ايندي ئي چورن رڻ ٻاري ڏنو چورين جون وارڌاتون رات توڙي ڏينهن ڏوهن جون وارڌاتون روز جو معمول بڻيل آهن  لانڊيون حد ۾ ڳوٺ محمد صالح ۾ گذريل رات جو معراج الدين کهڙو جي زمين مان نامعلوم چور پليٽون ۽ انويٽر چوري ڪري ويا ۽ اڄ رات جو صفيل احمد کهڙو جي زمين مان سولر پليٽون ۽ انويٽر نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا اڄ آبادگار وحيد سنڌو کهڙو جسقم اڳواڻ  اياز ڪورائي استاد علي گل کهڙو عبدالستار کهڙو ياسين ڪورائي ۽ ٻين پاران خيرپور ۽ لاڙڪاڻو بائي پاس تي ٽائر ساڙي سراپا احتجاج ڪندي چيو ته لانڊي ٿاڻي جو ايس ايڇ او چورن خلاف ڪوئي به ايڪشن ڪرڻ لاء تيار ناهي افسوس جو پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو ٻئي طرف ايس ايڇ او اڳڙا اقبال رڏ اچي انصاف جي خاطر ي ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ويو ، آبادگارن ايس ايس پي خيرپور ڊي آء جي سکر کان پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان جون ٿيل چوريون جلد از جلد موٽائي ڏنيون وڃن ۽ لانڍيون حد جو نااهل ايس ايڇ او هٽايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ هن کان وڌيڪ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.