خيرپور ۾شهري جو موٽرسائيڪل چوري خلاف احتجاج

خيرپور (س ر)خيرپور ڀرسان ڳوٺ پير بخش ميتلو، شاهه لڌاڻي جي رهواسي نعمت الله ميتلو پنهن جي مائٽن پرويز ميتلو ۽ عنايت الله ميتلو سان گڏجي خيرپور پهچي صحافين آڏو تعلقو روهڙي جي ٿاڻي پٽڻي پوليس جي سست روي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڄاڻائيو ته هو ڇنڇر ڏينهن تي تعلقو روهڙي جي ٿاڻي پٽڻي جي حد قاسم شاهه هوٽل وٽ هونڊا موٽرسائيڪل سي ڊي 70 هوٽلڪ ٻاهران بيهاري اندر چانهن پيئڻ ويا. واپسي تي ڪوشاهينگ موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي چڪو هيو. هنن ڄاڻائيو ته موٽرسائيڪل چوري واري واقعي ۾ هوٽل جا بيرا پڻ شامل آهن. هنن چيو ته اهڙي ڪئميرا فوٽيج واضح ثبوت ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو آهي مگر هن وقت تائين پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي. هنن ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.