شيخ رشيد جي وگ لاهڻ تي 50 هزار رپيا انعام

راولپنڊي (م ڊ) وزيراعظم جي خصوصي معاون حنيف عباسي شيخ رشيد بابت عجيب غريب اعلان ڪيو آهي ته جيڪو به شيخ رشيد جي وگ لاهي ايندو، ان کي هو 50 هزار رپيا انعام ڏيندو.اولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حنيف عباسي چيو ته مسجد نبوي واقعي جي پلاننگ عمران خان ۽ شيخ رشيد ڪئي، شيخ رشيد جو ڀائٽيو به پلاننگ ۾شامل رهيو، وڊيو ۾ هن جو اعتراف آهي.حنيف عباسي چيو ته وفاقي وزيرن کي گاريون ڏنيون ويون، انهن سڀني خلاف ڪيس داخل  ڪري گرفتار ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته شيخ رشيد سياسي مقابلو ڪري، شيخ رشيد جنهن تڪ تان اليڪشن وڙهندو، اتي مان به چونڊ وڙهندس ۽ مقابلو ڪندس.حنيف عباسي چيو ته شيخ رشيد جتي به ويندو، اتي گندا آنا ۽ ڪنا ٽماٽا کيس لڳندا.حنيف عباسي اعلان ڪيو ته جيڪو به شيخ رشيد جي وگ لاهي ايندو، ان کي هو 50 هزار رپيا انعام ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.