ملڪي بحران ۽ جمهوري ڌرين جو فرض

ملڪ هن وقت جنهن بحران طرف وڌي رهيو آهي، ان مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو اهڙو پروگرام نه آهي، جيڪو سمورين ڌرين جي لاءِ قبولڻ جوڳو هجي، ان ۾ بنيادي ۽ اول سوال ته اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان حالت ۾ پهچڻ جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو اصولي جواب ته هڪڙو ئي آهي، اهو هي ته ان سموري عمل ۾ سڀني کان گهڻو حصو پتي اسٽيبلشمينٽ جو آهي، بدقسمتي سان ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين اهڙا ۽ ايترا تجربا ڪرڻ باوجود هي ملڪ ڪنهن به ڪنڌي نه پهتو آهي، جنم ورتل تازو بحران ته انهن اڳوڻين غلطين جو گڏ ٿيل نتيجو آهي.

اهو ته هاڻي فوج جي ترجمان چيو هو ته اهي هاڻي سياسي معاملن ۾ نه ايندا پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان جو سمورو ذمو انهن تي ئي اچي ٿو.هاڻوڪين حالتن جو به جائزو وٺبو ته اڇا ڪار پڌرا ٿي پوندا پر فوري سوال آهي  ته ملڪ کي سياسي،آئيني،قانوني بحران مان ڪيئن ڪڍجي؟ اهو درست آهي ته ملڪ جي گهڻ پارٽي اتحاد آئين ۽قانون تي عمل ڪندي اڳواڻي وزيراعظم عمران خان کي هٽايو آهي، پر ان سان ملڪ کي سياسي بنيادن تي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو وملي، جنهنڪري هر ماڻهون نه رڳو بي يقيني جي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، پر هاڻي ته هر  ماڻهون ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو،اهڙي مجموعي ماحول ۾ ڪير سُک جو ساهه کڻي رهيو هوندو. هڪ طوفان بدتميزي آهي، جيڪو رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي.

ملڪ ۾ آئين آهي جنهن ۾ هر ڳالهه واضح ۽چٽي ڪيل آهي پر ان تي ان جي روح موجب عمل نه ٿيڻ جي ڪري ههڙي افراتفري جو پيدا ٿيڻ اڻ ٽر هو.جيڪڏهن اڄ به سموريون ڌريون ملڪ جي متفقه آئين ۾ ڄاڻايل پنهنجي پنهنجي حدن  ۾ رهن ته به ان گهوٽالي کي ٿورو گهٽائي سگهجي ٿو.

پهريون اصول اهو ئي ٺاهڻ گهرجي ته هر شهري برابر آهي، هن جا حق برابر آهن،هن سان ڪنهن به سطح تي ناانصافي نه ٿيندي ته اهو سفر شروع ٿي سگهي ٿو. پر هڪ زماني کان وٺي  عام ماڻهون پنهنجن سمورن حقن کان محروم رهيو آهي ان ڪري ان ڳالهه تي فوري ڪنهن کي يقين نه ايندو. اهو لاڙو گروهن، تنظيمن پارٽين ۾ به پيدا ٿيل آهي، جنهنڪر سموري سماج جي  ماڻهن  جي  ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي آهي ته ڀلي ڪير به بهترين ڳالهيون ڪري پر هنن سان جيئن ماضيءَ۾ ٿيندو آيو آهي ائين ئي ٿيڻو آهي

هن بحران ۾ ملڪ جي معيشيت جو به وڏو هٿ آهي. موجوده گهوٽالو  معيشيت جي ناڪامي جو نتيجي ۾  رياستي ۽معاشرتي بحران آهي،سست  پيداواري عمل مان حاصلات ان تحت نه پئي ڪئي وڃي جنهن سان  معاشي بحران کي منهن ڏئي سگهجي.

ماڻهن جي خريد قوت ڪمزور ٿي چڪي آهي، مقامي منڊيون   ٻاڙائي جو شڪار آهن، ملڪي برآمدات ۽ اوورسيز  پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي  جو اندازو لڳ ڀڳ 55 ارب ڊالرز جي ويجهو آهي. جيڪو هن هيڏي وڏي بحران کي منهن ڏيڻ جي قابل نه آهي. هن وقت پاڪستان جو پرڏيهي قرض 118 ارب ڊالرز جو آهي. ملڪ جي معيشت جي مجموعي حالت اهڙي آهي جو پرڏيهي قرضن، دفاعي خرچن ۽ انتظامي خرچن کان پوءِ ڪجهه به ناهي بچندو جو عوام کي ڪا سهولت ڏجي.کاڌي پيتي جون شيون ، اٽو، دال، چانور، کنڊ، گيهه، کير، گوشت ۽ ڀاڄيون عام شهري جي  پهچ کان ٻاهر آهن.مٿان وري بجلي، گيس، دوائن، پيٽرول، ٽرانسپورٽ، تعليم۽صحت جهڙين بنيادي ضرورتن جو خوف وڌيڪ بي چين ڪري ٿو وجهي.

دل کي خوش ڪرڻ جي لاءِ اهو ٺيڪ آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 13 جماعتن تي ٻڌل اتحادي حڪومت قائم ٿي وئي آهي.ملڪ ۾ پرامن طريقيڪار سان حڪومت ۽ حڪمرانن جي تبديلي وارو عمل ممڪن ٿيو ۽ رهيل ڪم به مڪمل ٿي رهيو آهي.عدالت جي فيصلي تحت پنجاب صوبي جي نئين حڪومت پڻ قائم ٿي وئي ۽ ان بعد چيئرمين سينيٽ ۽ صدر مملڪت جي تبديلي وارو عمل شروع ٿيڻ ڏانهن ويندو..ان تي به دل وندرائي سگهجي ٿي ته  ملڪ جي آئيني، جمهوري ۽ سياسي تاريخ جو هڪ نئون باب لکجي رهيو آهي.پر اها پڻ حقيقت آهي ته ، ملڪ جون حالتون ڪي گهڻيون بهتر نه آهن.  حڪومت وڃائيندڙ جماعت ۽سندس  اتحادي هن وقت سموري ملڪ ۾ جيڪو ماحول پيا جوڙين ان سان  فساد ۽ افراتفري پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن.

ملڪ ۾ بداخلاقي ،بد زباني ۽ لاقانونيت کي رواج ڏيندڙ ڌريون گهڻيون سرگرم ٿي ويون آهن، جنهن سان سموري معاشري ۾ ڀڄ ڊاهه جو عمل شروع ٿي ويو آهي،سعودي عرب جي دوري تي ويل  نئين وزير اعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن تي مديني منوره ۽ روضه رسول واري مقام تي هڪ منظم رٿابندي سان هنن  بي حرمتي ڪري دنيا جي اربين انسانن جي دل آزاري ڪئي وئي.جنهن سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائڻ وارو اهڙو هاڃيڪار ۽ افسوسناڪ عمل ڪيو ويو آهي، جنهن جو اڳي ڪو مثال نٿو ملي.

ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين کي گڏيل طور تي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي هن ملڪ  سان ڇا ڪرڻ چاهين ٿيون،هڪ عرصي کان انتها پسندي، غيرجمهوري روين کي پڪو پختو ڪيو ويو هو ، جنهن جو ثمر اڄ ملي رهيو آهي.جنهن جو نقصان هر شهري کي سهڻو پوندو.

سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ملڪ کي  هن وقت درپيش سياسي، معاشي ۽ معاشرتي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هي ملڪ جنهن رخ ۾ وڃي رهيو آهي، ان سان هر ڪنهن جو نقصان ٿيڻو آهي.

اميد ڪجي ٿي ته ملڪ جا گهڻگهرا هن نازڪ موڙ تي ملڪ کي آئين ۽قانون موجب هلائڻ جي ڪا جوڳي ڪوشش ڪري هن بحران مان ڪڍندا جيئن هڪ نيئن دور ۾ داخل ٿي سهگجي، جيڪو حقيقي جمهوريت جو دور هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.