جروار ۾ شاگردن ۽ استادن جو بدامني ۽ ڦر خلاف احتجاجي مظاهرو

جروار (ن ع آ)جروار ۾ اسڪولي شاگردن ۽ استادن جو ڏھرڪي پوليس خلاف مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي استاد غلام حيدر بوزدار قدير  گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي م مين پرائمري اسڪول کان وٺي حيات پتافي چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته چار ڏينهن اڳ استاد راحب بوزدار ڏھرڪي بئنڪ مان 12 لک  روپيه لون جا وٺي اچي پيو ته شھر ٻاھريان هٿياربندن 12 لک روپيه ڦر ڪري ويا پر ڏھرڪي پوليس هن مهل تائين ڪجھ  به نه ڪيو آھي  ايس ايڇ او ڏھرڪي اڃان اسان کي احتجاج ڪرڻ کان روڪي ٿو ڌمڪائي ٿو.  ,هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته استاد راحب بوزدار جا ڦر ٿيل پئسه واپس نه ڪرايا ويا ته عيد کان پوء ضلع م اسڪولن کي تالا هڻي شاگردن سان گڏ روڊن تي هونداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.